اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس ڀاڙن ۾ هڪ سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي.پاڪستان گڊز الائنس جي صدر ملڪ شهزاد چيو ته هو پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي مذمت ڪري ٿو، جنهن سان ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان ايندو.ملڪ شهزاد چيو ته حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري لکين ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن ان جو جائزو نه ورتو ويو ته پاڪستان جي ٽرانسپورٽ رڪجي ويندي.ٻئي طرف، پاڪستان پبلڪ ٽرانسپورٽ اونرز ايسوسيئيشن ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ تي اڄ هڪ هنگامي اجلاس طلب ڪيو آهي.ايسوسيئيشن چيو ته ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ جي تناسب سان ڀاڙا نه ٿا وڌائي سگهجن، حڪومت کي صرف ٽرانسپورٽرن کي اهو چوڻ گهرجي ته اهي پنهنجا ڪاروبار بند ڪن ۽ گهر ۾ ويهي رهن.










