اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر عارف علوي چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير تي قابض ڀارتي انتظاميا تڪراري علائقي تي قبضو ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي ڪردار کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا.ڪشمير جي استحصالي ڏهاڙي کي 4 سال مڪمل ٿيڻ تي صدر عارف علوي چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019 تي ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪ طرفي غيرقانوني ڪارروايون شروع ڪيون. ڀارت دنيا کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير ان جو غير تڪراري حصو آهي.عارف علوي چيو ته اهو ڀارت ئي آهي جنهن ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو سلامتي ڪائونسل ۾ آندو، ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي سلامتي ڪائونسل ۾ عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو، ڪشميري ڪشميرين کي تسلي ڏيڻ جي هر ڀارتي ڪوشش جي مزاحمت ڪري رهيا آهن.سندس چوڻ هو ته ڀارت جا سمورا حربا ڪشميرين جي آزادي جي خواهش کي ختم نٿا ڪري سگهن، ڀارت جو ڪشميري عوام جي حقن کان مسلسل انڪار غلط ۽ غير قانوني عمل آهي، سفارتي دوغلا ڀارتي رياستي دهشتگردي جي حقيقت کي تبديل نٿو ڪري سگهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت لکين غير ڪشميرين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪيا، موجوده ووٽر لسٽن ۾ تبديلي لاءِ لکين عارضي رهائشي شامل ڪيا، پاڪستان سمورن هڪ طرفي ۽ غير قانوني قدمن کي رد ڪري ٿو…هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم ڪري رهيو آهي، عالمي برادري کي وڌيڪ خاموش نه رهڻ گهرجي.وزيراعظم چيو ته ڀارت 7 ڏهاڪن کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي قبضو ڪري رهيو آهي پر ان باوجود ڀارت بهادر ڪشميري عوام کي خاموش ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، پاڪستان بهادر ڪشميري مردن ۽ عورتن کي سلام پيش ڪري ٿو.شهباز شريف چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي آزادي واري جدوجهد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، ڏکڻ ايشيا جو عوام امن ۽ استحڪام چاهي ٿو.










