پاڪستان پاران فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي آجيان

پاڪستان پاران فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي آجيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان فرانس، برطانيه، ڪينيڊا، آسٽريليا ۽ پرتگال پاران فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو استقبال ڪري ٿو. پنهنجي بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته اهي سڀئي ملڪ جيڪي اڃا تائين فلسطين کي تسليم نه ڪيا آهن، انهن کي بين الاقوامي قانون جي مطابق فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ گهرجي. نائب وزيراعظم چيو ته اڄ هن فلسطين جي ٻن رياستي حل تي هڪ اعليٰ سطحي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن جي صدارت فرانس ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي ڪئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان انهن چند ملڪن ۾ شامل هو جن 1988 ۾ آزادي جي اعلان کان فوري پوءِ فلسطيني رياست کي تسليم ڪيو. هن چيو ته رياست کي تسليم ڪرڻ گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت فلسطيني عوام جو جائز حق آهي. انهن ملڪن پاران فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ خطي ۾ هڪ منصفانه، جامع ۽ پائيدار امن جي طرف هڪ قدم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو