پاڪستان هن وقت بحرانن مان گذري پيو: قادر مگسي

پاڪستان هن وقت بحرانن مان گذري پيو: قادر مگسي

حيدرآباد ( پ ر ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پاڪستان هن وقت جن بحرانن مان گذري رهيو آهي آهي ان ۾ هن ملڪ کي نئي آئين ساز اسيمبلي جي ضرورت آهي جنهن سان ئي هي ملڪ درست سمت ۾ هلي سگهي ٿو. هن چيو ته هن وقت ملڪ نه صرف معاشي بحرانن مان گذري رهيو آهي پر ان سان گڏ ملڪ سياسي۽ آئيني بحرانن مان گذري رهيو آهي. هي ملڪ گهڻ قومي وفاق آهي جيستائين وفاق ۾ شامل سمورين ايڪائين کي برابري جي بنياد تي حق نه ملندا ۽ هڪ صوبي جو ادارن تي اثر رهندو ته ان قسمن جا بحران وقتن به وقت پيدا ٿيندا رهندا. پاڪستان کي نئي سماجي معاهدي جي ضرورت آهي هن ملڪ کي پيپلز ريپبلڪ آف پاڪستان بڻائي هلايو وڃي. ان لاء هن وقت ملڪ کي پارلياماني اسيمبلي جي اليڪشن کان پهرين هڪ آئين ساز اسيمبليءَ جي ضرورت آهي جيڪا ملڪ کي نئون آئين ڏي جنهن ۾ سمورين قومن کي برابري جي بنياد تي حقن سان گڏ ملڪ جي پارلياماني، عدالتي سميت سمورن ادارن جي اختيارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ پارليامينٽ کي بالادست اداري جا اختيار مليل هجن عدالتون آزاد هجن. ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته ملڪ جي اندر هن وقت آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جي بدران سنڌي، بلوچن، پنجابي ۽ پختونن جي قومي قيادت تي مبني ڪانفرنس گهرائي وڃي ۽ ان ۾ ملڪ جي نئي آئين ساز اسيمبلي جي چونڊ جي فيصلا ڪيا وڃن. باقي پي ڊي ايم، پ پ پ ۽ پي ٽي آئي جي گڏجي ويهڻ سان ڪوبه نتيجو نه نڪرندو هن وڌيڪ چيو ته ملڪ تي وڌيڪ تجربا نه ڪيا وڃن وزير اعظم شهباز شريف کي گهرجي ته هو فوري طور ملڪ جي اندر نئي آئين اسيمبلي جي چونڊ ڪرائي ۽ ملڪ کي نئون آئين ڏئي ان تحت ملڪ جي اندر بالادست پارليماني اسيمبليءَ جي چونڊ ڪرائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو