اسلام آبا د (بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پاڪستان معاشي محاذ تي اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جن ۾ معاشي استحڪام، پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ بهتري، افراط زر ۾ گهٽتائي ۽ پاليسي جي شرح ۾ اهم گهٽتائي شامل آهي، چيني ميڊيا سان هڪ انٽرويو ۾ ناڻي واري وزير چيو ته افراط زر جي شرح هاڻي سنگل ڊجيٽس تي اچي وئي آهي، موجوده پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا اڍائي مهينن جي درآمدات لاءِ ڪافي آهن، هن چيو ته انهن معاشي ڪاميابين کي عالمي سطح تي به ساراهيو ويو آهي ۽ ٽن وڏين بين الاقوامي ريٽنگ ايجنسين، فِچ، ايس اينڊ پي ۽ موڊيز، پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي بهتر بڻايو آهي، محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته گذريل مالي سال ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 3 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته هن سال جو هدف 4 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ جو هو، جڏهن ته تازي ٻوڏ جي ڪري، ڪجهه گهٽتائي جو امڪان آهي، ناڻي واري وزير چيو ته هو پراميد آهي ته هو موجوده مالي سال ۾ 3.5 سيڪڙو جي واڌ جي شرح حاصل ڪندو، ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ اهم پيش رفت ٿي آهي.










