پاڪستان جي موجوده معاشي صورتحال عوام لاءِ قاتل آهي: بابر اعواڻ

پاڪستان جي موجوده معاشي صورتحال عوام لاءِ قاتل آهي: بابر اعواڻ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان جي موجوده معاشي صورتحال ماڻهن لاءِ قاتل آهي.سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته ملڪ ۾ اڄ آئين جي حڪمراني ٿيندي يا نامعلوم حڪمراني هوندي.هن چيو ته ٻيو مسئلو اهو آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آڏو سوال آهي ته سڀ کان وڌيڪ شڪي ۽ غير آئيني ڪردار اليڪشن ڪميشن جو آهي.بابر اعواڻ چيو ته آءِ جي اسلام آباد ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب جي راءِ اليڪشن ڪميشن تي ڳري آهي، ڪالهه اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته فيصلي کانپوءِ هي ڪيس 100 سيڪڙو اليڪشن ڪميشن خلاف ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو