پاڪستان جي روس کي بارٽر ٽريڊ شروع ڪرڻ جي آڇ

پاڪستان جي روس کي بارٽر ٽريڊ شروع ڪرڻ جي آڇ

استانا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف روسي صد ولاديمير پيوٽن کي ٻنهي ملڪن ۾ بارٽر ٽريڊ يعني مال جي بدلي مال واري واپاري سهولت شروع ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار جو مقدار وڌائڻ جي آڇ ڪئي آهي. قزاخستان جنهن کي پاڪستان ۾ قازقستان به چيو ويندو آهي، ان جي گادي واري شهر استانا ۾ 3 کان 4 جولاءِ واري ٻن ڏينيهن جي شنگهائي تعاون تنظيم جي سمٽ جي موقعي تي روسي صدر سان ٿيل ملاقات ۾ هن اها پيشڪش ڪئي. روسي صدر سڀني ميمبر ملڪن جي نمائندن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي. وزيراعظم کيس چيو ته بارٽر ٽريڊ شروع ڪرڻ لاءِ مالياتي ۽ بئنڪنگ جا جيڪي به مسئلا آهن اهي گڏجي حل ڪري سگهجن ٿا. شهباز شريف کيس ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن ۾ 1950 کان وٺي 1960 تائين بارٽر ٽريڊ ٿيندو رهيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي فائدي ۾ هو. ”مان سمجهان ٿو ته اڄ وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي پراڻي واپار جو طريقو ٻيهر شروع ڪريون ۽ ساليانو هڪ ارب ڊالر جو واپاري مقدار به وڌايون، ان سان بنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو. وزيراعظم روسي صدر سان سيپٽمبر 2022 ۾ ساڳئي تنظيم جي ازبڪستان م ٿيل ملاقات ياد ڪرائيندي چيو ته اسانکي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ اسانکي پنهنجا سفارتي تعلقات ڪنهن خاص علائقائي تناظر يا مفاد ۾ نه ڏسڻ گهرجن. ٻنهي ملڪن جي وفدن ۾ به تفصيلي ملاقاتون ٿيون آهن. روسي صدر چيو ته واپاري لاڳاپن سبب ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن م بهتري آئي آهي، روس خوراڪ جي قلت گهت ڪرڻ، توانائي ۽ زراعت جي شعبي ۾ پاڪستان سان تعاون لاءِ تيار آهي. پاڪستان وچ ايشيائي رياستن سان وايا افغانستان روڊ رستي تجارت وڌائڻ چاهي ٿو ۽ ان ڏس م تازو اين ايل سي جي ٽرڪن جو فليٽ پڻ سامان کڻي ويو هو. ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار، دفاع وارو وزير خواجا آصف ۽ اطلاعات وارو وزير عطا تارڙ به وزيراعظم سان گڏ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو