طفيل مگسي
تاررخ پڙھڻ جو مقصد اهو ناهي هوندو ته اسان صرف ماضيء جي ماڻھن جي حالتن کان لطف حاصل ڪيون ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڪارنامن تي فخر ڪيون بلڪ تاريخ پڙھڻ جو اصل مقصد اهو آھي ته اسان اڄ جي زماني کي گذريل زماني جي آرسيء ۾ ڏسي ڪري اڄ جي حالتن جو بهترين فيصلو ڪيون ۽ ٻيهر کان اهي غلطيون نه ورجايون جنهن کان انسانن جو معاشرو تباهيء ڏانهن ويندو هجي.تاريخ کي اسان کي عبرت جي نگاه سان پڙھڻ گهرجي.اسان کي ماضيء جي مڪمل حادثن ۽ واقعن کي مڪمل ايمانداري سان پڙھي ڪري انهن جو تجزيو ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کان عبرت وٺڻ گهرجي يعني گذريل واقعن کي فقط پڙھي ڪري ان ۾ خاموش بيهي ڪري نه بلڪ چرپر ۾ اچي ڪري اڄ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.تاريخ جو مطالعو اسان کي موجوده زماني ۽ موجوده حالتن کي ڪشادي نقط نظر ۾ سمجهڻ جي سگه ڏيئي ٿو .تاريخ انساني تجربي ۽ وقت سان گڏ روين جو پڻ مطالعو آھي.اهو اسان کي تسلسل ۽ ڳوڙھي سوچ جو احساس ڏياري ٿو ۽ اهو ٻڌائي ٿو ته وقت جي وهڪري سان گڏ واقعا ۽ خيال ڪيئن تيار ٿين ٿا.
پاڪستان جي تاريخ =جيئن ته هتي منهنجي مراد پاڪستان جي تاريخ آھي.ان ڪري مان خاص پاڪستان جي تاريخ تي ئي ڳاله ڪندس ۽ پهرين ڳاله ته اها آھي ته هتي اسان کي درست ۽ حقيقي تاريخ نٿي پڙھائي وڃي.مثال جي طور تي پاڪستان جي تاريخ جيڪا اسان جن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙھائي وڃي ٿي .اڪثر ڪري گهمراه ڪندڙ ۽ غلط معلومات تي مشتمل هوندي آھي.اها ڳاله مان نٿو چوان بلڪ مشھور پاڪستاني تاريخدان خورشيد ڪمال عزيز پنهنجي ڪتاب“پاڪستاني تاريخ جو قتل“(The Murder of History ) ۾ چٽي نموني بيان ڪيو آھي.اهو ڪتاب پاڪستان ۾ پڙھائڻ وارن ڪورس جي ڪتابن ۾ ملڻ وارين غلطين .ڪوڙن بيانن ۽ گهمراه ڪندڙ تشريحن جي تفصيل سان وضاحت ڪري ٿو.جيڪڏھن اسان فرض به ڪريون ته اسان کي سچائي تي مشتمل تاريخ پڙھائي پئي وڃي .تڏھن به اها تاريخ اسان کي ان مقصد جي لاء نٿي پڙھائي وڃي ته اسان ماضيء جي غلطين کان سبق حاصل ڪري موجوده مسئلن کان بچي سگهون بلڪ اها تاريخ اسان کي ان ريت ٻڌائي وڃي ٿي ته اسان هن ملڪ جي پسماندگي جا غلام بڻجي ڪري رهجي وڃون.موجوده مفادپرست حڪمرانن جي وفاداري کي پنهنجو فرض سمجهون يا محض ھڪ محب وطن اداڪار بڻجي ڪري نوڪري جا مواقعا حاصل ڪريون.هتي مان پنهنجي لکڻي کي ڊيگه ڏيڻ چاهيان ٿو.تنهن ڪري هتي مان ٻه قومي نظريي تي به ٿورو بحث ڪندس.
ٻه قومي نظريو= ٻه قومي نظريو جيڪو هي چئي ٿو ته هندو ۽ مسلمان ٻه الڳ قومون آھن ۽ ھڪ رياست ۾ گڏيل طور تي رهي نٿيون سگهن.هندستاني سياست جي تاريخ ۾ ھڪ تصور رهيو آھي.سڀ کان پهرين اهو نظريو هڪ غلط تاريخي نڪتي تي مشتمل آھي.جيڪو هندو ۽ مسلمانن کي سدائين ٻه الڳ ۽ مخالف برادريون قرار ڏيئي ٿو.تاريخي شاهديون هن ڳاله جون حمايت نٿيون ڪن ته هندو ۽ مسلمان صدين کان گڏيل هڪجهڙائي سان گڏ ناهن رهندا آيا.حقيقت ۾ ٻئي برادريون.گڏيل تاريخ.ثقافت ۽ ٻولي سسن گهرو تعلق رکن ٿيون.
هندستان جي ورهاست عوامي جذبن جي بجاء هڪ ننڍڙن اميرن جي مفادن تي مشتمل سياسي فيصلو هو.ٻه قومي نظريو هن تي قائم آھي ته هندو ۽ مسلمان پنهنجي نسلي ۽ مذھبي سڃاڻپ جي بنياد تي ٻه الڳ قومون آھن.اهو دليل هن حقيقت کي نظر انداز ڪري ٿو ته قوميت هڪ ڏکيو تصور آھي.جيڪو مذھب کان وڌيڪ گڏيل تاريخ.ثقافت .ٻولي ۽ جغرافيائي تعلقات تي مشتمل آھي.کانسواء قومي نظريو هي به چٽو ڪري ٿو ته سياسي نمائندگي مذھب جي بنياد تي هئڻ گهرجي جيڪو بيڪار دليل آھي.سيڪيولر جهموريت ۾ سمورين شھرين کي برابري جا حق حاصل آھن ۽ نمائندگي سندن انگ جي حساب سان ٿيڻ گهرجي.ڪنهن هڪ مذھبي برادري کي ٻي تي اوليت ڏيڻ مساوات ۽ جهوري اصولن جي سراسر خلاف ورزي آھي.
ٻه قومي نظريو هڪ بيڪار ۽ نفرت انگيز نظريو آھي.جيڪو قوميتن جي ڏکيائين کي تسليم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آھي.جهموريت ۽ مساوات جي اصولن کي رد ڪري ٿو ۽ معاشرتي اصولن کي قبول نٿو ڪري.
قاعداعظم محمدعلي جناح= مون کي اهو ڪڏھن به سمجه ۾ نه آيو ته قاعداعظم جي “آزادي“جي تحريڪ جو ڪهڙو مقصد هو.هڪ اهڙو منجهيل شخص جنهن وٽ نه ڪو پڪو۽ چٽو نظريو هو ۽ نه ئي وٽس ملڪ هلائڻ جي لاء ڪا خاص حڪمت عملي هئي.ڪٿي اسلامي نظام جو علمبردار ته ڪٿي لبرل ۽ سيڪيولر ڏيک ڏيئي ٿو.هڪ هار نه مڃڻ وارو وڪيل صاحب جيڪو هار بلڪل نه مڃيندو هو.چاهي انسانن جو حال.ماضي ۽ مستقبل تباه ئي ڇو نه ٿيو.ملڪ جي لاء آئين جي جوڙجڪ به نه ڪيائين.ڪيترن ئي سالن کان آزاد ملڪ“يتيم ٻار“جيان رهيو يعني ملڪ آزاد ٿيو آھي.مگر آئين ۽ حڪمت عملي برطانيه سرڪار جي هلندي.اها جناح صاحب ڪهڙي آزادي جي ڳاله ڪري رهيو هو ۽ ڪهڙي نموني جي آزادي؛
جيتوڻيڪ پاڪستان اڳوان هجي ۽ اسلام ٽچ نه هجي.اسلامڪ ٽچ ڪا نيئن ڳاله ناهي.اهو ٽچ ته اسان جو قائداعظم به ڏاڍو ڏيندو هو.محمدعلي جناح صاحب کي اندازو هو ته اسلام جي ليبل کان بنا اها ورهاست ممڪن ناهي.حسين حقاني صاحب پنهنجي ڪتاب“پاڪستان فوج ۽ ملان جي وچ ۾“ ۾ اهوئي نڪتو پيش ڪري ٿو ته آيا پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ هو يا صرف خاص مسلمان اڪثريت جي لاء ٺاهيو ويو هو .اهو نڪتو ۽ اصول اڄ ھر پاڪستاني کي پاڻ کان پڇڻ گهرجي.ڇاڪاڻ ته اهوئي سوال اسان کي ڪيترين ئي لڪل حقيقتن تائين پهچائي سگهي ٿو.جيڪي اسان جي تعليمي ڪورس ۽ مطالعي پاڪستان ۾ درست بيان نٿا ڪيا وڃن؛
اسان سڀني کي اهو اندازو هئڻ گهرجي ته اهڙي قسم جا معاشرا ستت پسماندگي ڏانهن وڃن ٿا.جتي مذھب جو غلط استعمال ٿيندو هجي.ڇوته مذھب کي وٺي ڪري هر مذھبي شخص جذبن کان وڌيڪ ۽ عمل کان تمام.گهٽ ڪم وٺي ٿو.مذھب ۾ ڇاڪاڻ ته انڌي عقيدي جو عنصر تمام گهڻو هوندو آھي.انهيء ڪري مذھب جي نالي تي دوکو ڏيڻ.ڏاڍ و ظلم ڪرڻ.انسانن کان سندن جا حق کسڻ نهايت آسان ٿي وڃن ٿا.هتي به مولوي کان وٺي ڪري هر مڪار سياستدان اسلام جو خاص استعمال ضرور ڪن ٿا.اهي سمورا فرد پنهنجن مفادن جي خاطر اسلام جو ايترو احسن استعمال ڪن ٿا ته اسان سڀني کي هر مولوي ۽ هر سياستدان خليفه المومنين لڳڻ لڳي ٿو.
ان کانسواء (Stanley Wolpert) پنهنجي ڪتاب“ جناح آف پاڪستان “ (Jinnah of Pakistan ) ۾ ذڪر ڪيو آھي ته جناح صاحب بلڪل هار نه مڃيندو هو.مڃي وٺون ٿا ته هڪ عظيم ليڊر جي به اهائي نشاني هوندي آھي ته اهو هار مڃڻ وارو نه هجي.ليڪن اهو به ته ضروري آھي ته جنهن مقصد يا جنهن هٺ کي وٺي ڪري اوهان هار مڃڻ وارا ناهيو ان جا نتيجا نيٺ ڪهڙا نڪرندا.هڪ عظيم ليڊر جي اها خوبي آھي ته اهو اوهان کي هر جدوجهد ۽ تحريڪ جي مثبت ۽ منفي اثر کان خبروار ڪري.چاهي هزارين انسانن جو پنهنجي اباڻي علائقي کان بنا سبب جي بيدخل ٿيڻ ھجي.هزارين انسانن جو قتل هجي.افراتفري ۽ انارڪي هجي.ظاهر آھي ته هڪ وڪليل کي جيڪڏھن ايترا اختيار ملي وڃن ٿا ته هو سموري عوام و ملڪ جو فيصلو ڪري ته نتيجو اهو نڪرندو جنهن جو اسان تجزيو ڪري چڪا آھيون ۽ اڄ به اسان مشاهدو ڪري رهيا آھيون.ڇوته هڪ تجربيڪار وڪيل صاحب ڪڏھن به قوم جو فائدو يا نقصان ناهي ڏسندو بلڪ سندس دل ۾ صرف پنهنجي جيت هوندي آھي؛وڪيل صاحب پنهنجي قابليت سان ڪيس“case“ ته کٽي ورتو.ملڪ به بڻجي ويو.ليڪن نه ڪو آئين ۽ نه ئي ڪا منظم ملڪي حڪمت عملي.ڪيترن ئي سالن کان قائد جو پاڪستان بنا آئين جي هلندو رهيو.وڪيل صاحب هڪ جغرافيائي ٽڪرو ته کڻي ورتو.مگر هاڻي ملڪ هلندو ڪيئن ۽ ھلائيندو ڪير؟اهو اسان جي محبوب قائد کي پتو ئي نه هو.
ارچي برائون(Archie Brown) پنهنجي ڪتاب “دي مين آف اسٽرانگ ليڊر“( The Myth of the Strong Leader) هڪ عظيم.ليڊر جي صفتن منجهان هڪ وصف عاجزي ۽ هڪ سٺو ٻڌڻ وارو ذڪر به ڪري ٿو ته جيڪڏھن هڪ ليڊر وڌيڪ انا پرست ٿي وڃي ته اهو اهڙا فيصلا به ڪري وڃي ٿو.جيڪي ٻين انسانن جي لاء نهايت ئي خطرناڪ ثابت ٿين ٿا.
مشهور ماهر لسانيات اشتياق احمد جو نقط نظر پنهنجي ڪتاب“The Garrison State “۾ تفصيل ۽ دليل سان گڏ وضاحت ڪري ٿو ته هڪ منصوبي جي تحت پاڪستان کي“وگيريسن رياست“(Garrison states ) بنائڻ ھيو.جنهن ۾ اسان سڀني پاڻ به اهم ڪردار ادا ڪيو.جيڪڏھن اسان ان نقط نظر کي غور سان ڏسون خاص طور تي قبائلي علائقن جي مقابلي ۾ ته اسان بهتر سمجهي سگهون ٿا ته رياست اسان سان ڇا ڪري رهي آھي.ان رياست پنهنجي عوام کي يتيم ڪري ڇڏيو آھي.قبائلي ماڻھن جي زندگين جي حفاظت رياست جي بنيادي ذميواري آھي.ليڪن هتان جا ماڻھو هڪ ٻيئي کان خوفزده آھن.ڪڏھن مذھبي فرقن جي وسيلي قبائلين کي ويڙھايو وڃي ٿو.ڪڏھن زميني جهڳڙن جي وسيلي .اڄ اسان جي رياست ۽ قيادت جي سوچ بدترين آھي.هتي سياستدان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وڇ ۾ مفاد پرستي ۽ نفرت جي بجاء ڪا به بهتر قيادت ناهي.اهوئي ئي سبب آھي ته قائداعظم جو پاڪستان .جتي نظرين ۽ علمي بنيادن جي ڪمزور ٿيڻ جو نتيجو اهوئي نڪري ٿو.مفادن ۽ ڊالرز جي لاء دهشتگردي کي تخليق به ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جو خاتمو به .ليڪن عوام تباه وبرباد ٿين ٿا.ڇوته رياست ڄاڻي ٿي ته عوام جي شعور جي سطح ڪيتري آھي ۽ عوام ڪنهن حد تائين سوچي سگهن ٿا.
حل جو ڪهڙو رستو آھي=ته ان جو جواب اهو آھي ته اسان پهرين مسئلي کي مسئلو ته سمجهون.حل اسان ان وقٿ تلاش ڪري سگهون ٿا.جڏھن اسان پهرين مسئلن جي سڃاڻپ ته ڪيون ته اصل مس
لو ڪٿي آھي.؛اسان جو سمورو نظام کوکلو آھي.هتي انسانن جي جان به محفوظ ناهي.پهرين مسئلي کي مسئلو ڄاڻڻو هوندو آھي.تڏھن حل ڏنو ويندو آھي.نظريو ۽ نظرين جي بنياد ٿي بنجڻ وارو نظام انسانن جي لاء هوندو آھي ۽ جڏھن ڪو نظريو يا نظام فرسوده ٿي وڃي يا ان کان بهتر نظريو يا نظام وجود ۾ اچي وڃي ته ان نظريي کي تسکيم ڪيو وڃي نه ڪي هٺ تي بيهي رهي ننڍڙي ٻار جيان ته اسان کي ته بس انهيء تي ئي هلڻو آھي.ترقي جو انساني سفر .هن ڳاله جو شاهد آھي ته وقت سان گڏوگڏ انسانن پنهنجين نظرين.تصورن ۽ خيالن ۾ ڪي خاطر خواه تبديليون ڪيون آھن.انسان جا نظريا.قدر ۽ خيال تبديل نه ٿين ها ته انسان ڪڏھن به ذھني.تهذيبي.معاشرتي ۽ تمدني ترقي نه ڪري سگهي ها.ان لاء اسان سڀ وقت جي گهرجن کي سمجون .سچ ۽ عدالتن جي جديد تعليم کي پرکڻ جي ڪوشش ڪيون ته جيئن اصلي قدرن جي مفهوم جو شعور حاصل ڪيون ته جيئن هڪ اهڙي زندگي گهاري سگهون جيڪا صرف گذريل ۽ ان کان سو سالن جي گذريل انسانن جو ورثو نه هجي بلڪ هڪ اهڙي زندگي گهاري سگهون جيڪا اڄ جي سمورين ڏکين گهرجن کي اسان پورو ڪري سگهون ۽ ايندڙ انسان جي نسلن جي لاء هڪ بهترين سماج جڙي سگهي.جتي انسانن جو هڪ اهڙو معاشرو قائم هجي.جيڪو هر قسم جي نسلي ء مذھبي ذميوارين کي رد ڪندي ڀائيچاري ڏانهن راهي هجي ۽ سمورن تعصبن کان مٿاهون ٿي ڪري نج انساني محبت تي مشتمل رشتي کي قائم ڪري سگهي؛؛؛










