پاڪستان جو مسعود اظهر جي گرفتاري لاءِ افغانستان کي خط

پاڪستان جو مسعود اظهر جي گرفتاري لاءِ افغانستان کي خط

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ڪالعدم جيش محمد جي سربراهه مولانا مسعود اظهر جي گرفتاري لاءِ افغانستان کي خط لکي ڇڏيو.پاڪستان طرفان لکيل خط جي متن موجب مسعود اظهر امڪاني طور تي ننگرهار ۽ ڪنڙ جي علائقن ۾ آهي، تنهن ڪري ڳولا ڪري اطلاع ڏنو وڃي ۽ گرفتار ڪيو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مسعود اظهر جي گرفتاري لاءِ خط پرڏيهي وزارت طرفان لکيو ويو.هوڏانهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان معاملي کي حساس قرار ڏئي ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو