برمنگهم (ويب ڊيسڪ)پاڪستان کي شڪست ڏئي ڀارت ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جو ٽائيٽل کٽي ورتو.ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز 2024 جي فائنل ۾ ڀارت چيمپيئن پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. چيمپيئن ڀارت پاڪستان پاران ڏنل 157 رنسن جو هدف آخري اوور ۾ پورو ڪري ورتو.برمنگهم جي ايج بيسٽن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيل ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جي فائنل ۾ پاڪستان چيمپيئن جي ڪپتان يونس خان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.پاڪستان ٽاس کٽي پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 156 رنسون ٺاهيون.پاڪستان جي طرفان شعيب ملڪ 41 رنسون، ڪامران اڪمل 24 ۽ صهيب مقصود 21 رنسون اسڪور ڪيون. مصباح الحق 18 ۽ شرجيل خان 12 رنسن جي اننگز کيڏي.ڪپتان يونس خان 7 ۽ عامر يامين 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. سهيل تنوير 19 ۽ شاهد آفريدي 4 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا. پاڪستان طرفان ڏنل 157 رنسن جو هدف ڀارتي ٽيم آخري اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.ڀارت طرفان امباتي رائيڊو 50، گرڪرت سنگهه 34 ۽ يوسف پٺاڻ 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، يوراج سنگهه 15، رابن اوٿپا 10 ۽ سريش رائنا 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.پاڪستان چيمپيئنز طرفان عامر يامين 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته سعيد اجمل، وهاب رياض ۽ شعيب ملڪ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.










