واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر جهاد آذر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هاڻوڪي پاليسيون درست رخ ۾ آهن، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ضروري آهي.واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر جهاد ازور چيو ته موجوده صورتحال ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ضروري آهي، معاشي استحڪام لاءِ فيصلائتي قدمن جي ضرورت آهي.هن چيو ته مٽا سٽا جي شرح کي برقرار رکڻ به ضروري آهي ته جيئن ڪنهن به پرڏيهي جھٽڪي کان بچي سگهجي.جهاد آذر چيو ته نظر ثاني نه ڪئي وڃي، مهانگائي کي منهن ڏيڻ ترجيح هجڻ گهرجي، آءِ ايم ايف پروگرام کانسواءِ به پاڪستاني عوام ۽ معيشت لاءِ مناسب مٽا سٽا جي شرح تي واپار ۽ برآمدات اهم آهن.










