پاڪستاني عورتن سان شادي ڪندڙ افغانين کي شهريت ڏيڻ وارو فيصلو معطل

پاڪستاني عورتن سان شادي ڪندڙ افغانين کي شهريت ڏيڻ وارو فيصلو معطل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پاڪستاني عورتن سان شادي ڪندڙ افغان مردن کي پاڪستاني شهريت ڏيڻ جو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ۾ افغان شهري کي پاڪستاني اوريجن ڪارڊ جاري ڪرڻ جي معاملي جي ٻڌڻي جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل رانا اسد الله عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته پهرين ڊسمبر 2023 جي پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اسان اپيل داخل ڪئي آهي، هاءِ ڪورٽ چيو ته افغان شهري پاڪستاني عورت سان شادي ڪري ته انهي کي پي او سي ڪارڊ ۽ پاڪستاني شهريت ڏني وڃي.انهي موقعي تي جسٽس مسرت بلالي چيو ته شهريت ڪهڙي گرائونڊ تي ڏئي سگهجي ٿي. ٽوٽل ڪيترا درخواستگذار آهن؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته ٽوٽل 117 گذار آهن جنهن تي جسٽس مسرت چيو ته اهي ته اهي درخواستگذار آهن جيڪي سامهون آيا آهن.ٻڌڻي جي دوران نادرا جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پاڪستاني عورت سان شادي ڪندڙ افغان شهري جي لاءِ ويلڊ ويزا جي شرط به آهي جنهن تي جسٽس مسرت چيو ته اهو ڏسڻ گهرجي ته ڪو شخص ديوار ٽپي آيو يا دروازي کان اندر آيو. جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو