اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان جي پانڊا بانڊز ۾ چين جي 5 ڪمپنين خريداري لاءِ دلچسپي ظاهر ڪندي درخواستون جمع ڪرايون آهن. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته وڌيڪ فنڊنگ لاءِ اسين يورپي ۽ آمريڪي مارڪيٽس وينداسين. اسٽيٽ بئنڪ موجب هلندڙ مالي سال دورن پاڪستان کي پرڏيهي قرض ۽ انهن جي وياج جي ادائگي لاءِ 24.8 ارب ڊالر جي ضرورت آهي. جنهن ۾ 21.2 ارب ڊالر مور ۽ 3.6 ارب ڊالر وياج جي ادائگي شامل هوندي. چين جي ٽن لا فرمز ۽ ٻن ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين پانڊا بانڊ خريدڻ لاءِ آڇون جمع ڪرايون آهن. اهو معلوم ناهي ته پانڊا بانڊز ڪيتري مالليت جا هوندا پر ڪجهه وقت اڳ ناڻي واري وزارت چيو هو ته 30 ڪروڙ دالر جي لڳ ڀڳ ان جي ماليت هوندي. ياد رهي ته اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ 19.5 سيڪڙو تائين گهٽتائي سبب پاڪستان جي مقامي قرض ۾ 1150 ارب روپين جي گهٽتائي ٿي وئي هئي. آءِ ايم ايف پاران 7 ارب دالر جي ٽن سالن واري قرض جي منظوري سبب هڪ پاسي روپئي جي قدر م اصافو ٿيو آهي ته ٻئي پاسي مهانگائي جي شرح ۾ به معمولي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. ياد رهي ته اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان تي ڪل پرڏيهي قرض 130 ارب ڊالر آهي جيڪو ڪو وڏو مسئلو ناهي پاڪستاني معيشت ۾ ڪافي گنجائش آهي ۽ پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو. موجوده ناڻي واري وزير محمد اوڳرنگزيب چيو آهي ته پرڏيهي قرضن تي انحصار گهٽ ڪرڻو پوندو، معاشي ريفارمز ڪري خرچ گهٽائي آمدني وڌائڻي پوندي ان کانسواءِ ڪو چارو ناهي.










