’پاليسي سازي ۾ مزدورن کي ڀرپور نمائندگي ملڻ گهرجي‘

’پاليسي سازي ۾ مزدورن کي ڀرپور نمائندگي ملڻ گهرجي‘

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جيئن گهٽ ڪاربن خارج ڪندڙ ۽ موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ جي قابل معيشت ڏانهن تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، تيئن ماهرن، پاليسي سازن، ٽريڊ يونين اڳواڻن، تعليمي ماهرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن زور ڏنو آهي ته ملڪ ۾ توانائيءَ جي منتقلي منصفاڻي، سڀني کي شامل ڪندڙ ۽ مزدورن جي حقن ۽ روزگار کي مرڪز بڻائيندڙ هئڻ گهرجي.
اهڙو اظهار مزدور اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن اسلام آباد ۾ فريڊرش ايبرٽ اسٽفٽنگ (FES) پاڪستان پاران “مهذب روزگار ۽ منصفاڻي توانائي منتقلي” جي موضوع هيٺ منعقد ڪيل پنجين قومي مزدور ڪانفرنس دوران ڪيو.
هن ڪانفرنس ۾ چئني صوبن سان لاڳاپيل ملڪ جي اهم ڌرين شرڪت ڪئي، جن پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي ۽ توانائيءَ جي منتقلي سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن ۽ موقعن تي، خاص طور مزدورن جي حقن، سماجي تحفظ، روزگار ۽ سماجي ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان تفصيلي غور ويچار ڪيو.
ڪانفرنس جو افتتاح وفاقي وزير براءِ اوورسيز پاڪستانيز ۽ انساني وسيلن جي ترقي چوڌري سالڪ حسين ڪيو. هن حڪومت جي ان عزم کي ورجايو ته مهذب روزگار جي واڌاري، مزدور ادارن جي مضبوط ڪرڻ ۽ پاڪستان جي معاشي ۽ ماحولياتي تبديليءَ دوران مزدورن کي پوئتي نه ڇڏڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي FES پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر فيلڪس ڪولبٽز چيو ته موسمياتي تبديلي، غير رسمي روزگار ۽ وڌندڙ سماجي ۽ معاشي اڻبرابريون هڪ ٻئي سان گهرو لاڳاپو رکن ٿيون. هن زور ڏنو ته توانائيءَ جي ڪامياب منتقلي تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن بامعنيٰ سماجي ڳالهه ٻولهه، مزدورن لاءِ مضبوط تحفظ، صنفي برابري تي ٻڌل پاليسيون ۽ پاليسي سازيءَ ۾ مزدور تنظيمن جي سرگرم شموليت يقيني بڻائي وڃي.

Photo Sindhyar

ڪانفرنس جا مقصد بيان ڪندي FES پاڪستان جي علائقائي موسمياتي رابطاڪار سدرا سعيد چيو ته حقيقتن ۽ تحقيق تي ٻڌل پاليسي بابت ڳالهه ٻولهه ضروري آهي، جيئن موسمياتي قدمن سان گڏ سماجي انصاف، روزگار جي تحفظ ۽ پائيدار ترقي کي به هٿي ملي.
افتتاحي اجلاس ۾ پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار ايڪوئيٽيبل ڊولپمينٽ (PRIED) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر بدر عالم اهم خطاب ڪيو. هن پاڪستان جي سماجي، معاشي ۽ ادارياتي حالتن جي تناظر ۾ “منصفاڻي منتقلي” جي تصور کي واضح ڪندي چيو ته موسمياتي پاليسيون اهڙي ريت ترتيب ڏنيون وڃن، جو اهي مهذب روزگار پيدا ڪن ۽ ساڳئي وقت ڪمزور مزدورن ۽ برادرين جو تحفظ به يقيني بڻائين.
ڪانفرنس جي ٻئي سيشن ۾ پاڪستان جي پائيدار توانائي مستقبل ڏانهن منتقلي بابت پاليسي تحقيق تي ڌيان ڏنو ويو. ان دوران ٽي تحقيقي مقالا پيش ڪيا ويا، جن ۾ غير رسمي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ موافق سماجي تحفظ، منصفاڻي توانائي منتقلي ۾ ٽريڊ يونينن جو ڪردار، ۽ بجلي شعبي جي سڌارن جا مزدورن ۽ واهپيدارن تي اثر شامل هئا.
بحث دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته موسمياتي تبديلي سان هم آهنگ ٿيڻ لاءِ سماجي تحفظ جي نظام کي وسيع ڪرڻ، گڏيل سوديبازي کي مضبوط ڪرڻ، مهارتن جي ترقيءَ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ قومي توانائي منصوبابنديءَ ۾ مزدورن جي آواز کي شامل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.
ماهرن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته موافق سماجي تحفظ جا نظام موسمياتي تبديلي ۽ معاشي ڍانچي جي تبديلي سبب وڌندڙ خطرن ۽ ڪمزورين کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم حيثيت رکن ٿا.
ڪانفرنس جي پڄاڻي پاڪستان جي مزدور تحريڪ جي اهم نمائندن وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه سان ٿي. بجلي جي شعبي، صنعتي مزدورن، گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورت مزدورن ۽ مختلف ليبر فيڊريشنن جي اڳواڻن ملڪ جي مختلف علائقن مان زميني حقيقتون پيش ڪندي مطالبو ڪيو ته مزدور قانونن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي، سرڪاري ادارن جي نجڪاري واري پاليسي تي ٻيهر نظرثاني ڪئي وڃي، سماجي تحفظ جي دائري کي وڌايو وڃي، ڪم ڪار جي جڳهن تي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي، ماحول دوست روزگار ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي ۽ حڪومت، مالڪن ۽ مزدورن وچ ۾ ادارياتي سماجي ڳالهه ٻولهه جو مستقل نظام قائم ڪيو وڃي.

Photo Sindhyar

شرڪت ڪندڙن گڏيل طور تي زور ڀريو ته پاڪستان جي ماحول دوست معيشت ڏانهن منتقلي صرف ماحولياتي پائيداري تائين محدود نه هئڻ گهرجي، پر ان سان گڏ سماجي انصاف، مهذب روزگار ۽ برابر معاشي موقعا پڻ فراهم ٿيڻ گهرجن.
هنن حڪومت، مالڪن ۽ ترقياتي ڀائيوارن تي زور ڏنو ته گڏجي اهڙو جامع قومي فريم ورڪ تيار ڪن، جيڪو منصفاڻي توانائي منتقلي کي يقيني بڻائيندي مزدورن جي حقن جو تحفظ ڪري ۽ ساڳئي وقت پائيدار معاشي ترقي کي هٿي ڏئي.
ڪانفرنس ان عزم کي ٻيهر ورجايو ته پاڪستان جا موسمياتي واعدا ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پاليسي سڌارن جو مرڪز مزدور هجن ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ته ملڪ جي صاف، سرسبز ۽ وڌيڪ مضبوط مستقبل ڏانهن منتقلي دوران ڪو به مزدور يا برادري پوئتي نه رهجي. شام واري سيشن جي صدارت رٽائرڊ جج عبدالرسول ميمڻ ڪئي. عبدالطيف نظاماڻي ۽ ٻين مزدور اڳواڻن چيو ته نجڪاري جي معاملن ۾ مزدورن جي مفاد کي اوليت ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو