پاسپورٽ آفيسن ۾ ڪيش ليس ادائگي جو نظام لاڳو، نقوي پاران اعلان

پاسپورٽ آفيسن ۾ ڪيش ليس ادائگي جو نظام لاڳو، نقوي پاران اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اعلان ڪيو آهي ته سڄي ملڪ جي پاسپورٽ آفيسن ۾ ڪيش ليس (ڊيجيٽل) ادائگي جو نظام لاڳو ڪيو ويو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ محسن نقوي جو چوڻ هو ته هاڻي شهري پاسپورٽ فيس جي ادائگي ڊيجيٽل طريقي سان ڪري سگهندا، جنهن سان کين ڊگهين قطارن ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار جي تڪليف کان نجات ملندي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاسپورٽ سروسز ۾ سڌارن جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، ڪيش ليس نظام جي لاڳو ٿيڻ سان پاسپورٽ سروسز وڌيڪ تيز، شفاف ۽ اثرائتيون ٿينديون. ٻئي طرف، وفاقي گهرو وزير ان ڪامياب قدم تي پاسپورٽ ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي سندن ڪوششن کي ساراهيو ۽ کين خراجِ تحسين پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو