ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد جمع

ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد جمع

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي ۾ ٽڪ ٽاڪ تي مڪمل پابندي لڳائڻ لاءِ قرارداد جمع ڪرائي وئي آهي.صوبائي اسيمبلي جي مخالف ڌر جي ميمبر فرخ جاويد مون پاران قرارداد پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت کان پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ تي مڪمل پابندي لڳائڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.جمع ڪرايل قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ مافيا لائيو چيٽ ذريعي فحاشي ۽ عريانيت کي فروغ ڏئي رهي آهي، جيڪا نوجوان نسل، خاص طور تي ٻارن کي بداخلاقي ڏانهن راغب ڪري رهي آهي.قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون فحش گفتگو ۾ مشغول آهن ۽ هڪ ٻئي کي غير اخلاقي ڪمن لاءِ اُڪسائيندا آهن، جيڪو اسلامي سماجي قدرن جي مڪمل طور تي خلاف آهي.قرارداد ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نوجوان نسل سستي شهرت ۽ پئسا ڪمائڻ لاءِ ٽڪ ٽاڪ جهڙن پليٽ فارمن ڏانهن وڌي رهي آهي، جنهن جي ڪري سماج ۾ بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي.قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته صوبائي اسيمبلي جو هي ايوان وفاقي حڪومت کان اپيل ڪري ته ٽڪ ٽاڪ ۽ ان جي لائيو چيٽ فيچر تي فوري طور تي پابندي لڳائي، ته جيئن نوجوان نسل کي اخلاقي تباهي کان بچايو وڃي.واضح رهي ته پاڪستان ۾ به ٽڪ ٽاڪ تي عارضي پابنديون لڳايون ويون آهن، جن جي مکيه سببن ۾ فحش مواد، غير اخلاقي مواد ۽ استعمال ڪندڙن جي ذهني ۽ اخلاقي تربيت تي ناڪاري اثر شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو