ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نامور اداڪار فهد مصطفيٰ ڪجهه ڏينهن اڳ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي والدين کي پيغام ڏيندي چيو آهي ته هو پنهنجن ٻارڙن کي ٽڪ ٽاڪ ايپ کان پري رکن ڇاڪاڻ ته اهو وقت وڃائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. جنهن بعد اداڪار کي مداحن طرفان شديد تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. مداحن سان گڏوگڏ اداڪاره بانيه عامر به فهد مصطفيٰ سان مذاق ڪندي فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي اسٽوريز ذريعي ڪجهه وڊيو شيئر ڪندي مداحن کي نئين سال جي منصوبي بابت ٻڌائيندي چيو ته منهنجي نئين سال جو منصوبو آهي ته مان ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪري فهد مصطفيٰ کي مايوس ڪنديس. هن ٽڪ ٽاڪ تي پنهنجو يوزر نيم به مداحن سان شيئر ڪيو ۽ اهو به ٻڌايو ته هن مهل تائين صرف هڪ وڊيو اپ لوڊ ڪئي آهي جنهن ۾ هو پيانو وڄائيندي نظر ايندي. ٻئي طرف فهد مصطفيٰ هن مهل تائين ان حوالي سان بانيه کي ڪو به جواب ناهي ڏنو. خيال رهي ته بانيه عامر ۽ فهد مصطفيٰ گڏجي نامعلوم ماڻهو 2 ۾ ڪم ڪري چڪا آهن. ان فلم ۾ فهد جي هيروئن جو ڪردار ادا عروه حسين ادا ڪري رهي آهي جڏهن ته بانيه عامر محسن عباس حيدر جي هيروئن بڻجي هئي.










