ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو ويو، بئريسٽر سيف

ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو ويو، بئريسٽر سيف

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه حڪومت جي ترجمان بئريسٽر سيف چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڀتا خوري ۽ اغوا جي شڪايت تي ڪارروائي ڪري رهيا آهن.هن چيو ته نه ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ نه ئي اسان جي ڌر ڳالهين ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جيڪي ٻه ٽي واقعا ٿيا، تن معاملي کي شڪي بڻائي ڇڏيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسان هاڻي اهو نٿا چئي سگهون ته جنگبندي ٿي آهي، ٽي ٽي پي جو موقف آهي ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، اسان ان ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته ٽي ٽي پي ڪارروائي ڪئي آهي.بئريسٽر سيف الله چيو ته تحريڪ انصاف سان اسان جو رابطو آهي. انهن کي ٻڌايو ويو آهي ته توهان جيڪي ڪري رهيا آهيو اهو سڄي عمل کي ختم ڪري رهيو آهي. اهي ان تي ٻيهر بحث ڪرڻ لاءِ تيار آهن جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن ۾ مسئلو ختم ٿي وڃي.هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني سرزمين تي ٽي ٽي پي طرفان ڪا ڪارروائي ٿيندي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪارروائي ڪندا ۽ ڪري رهيا آهن.خيبرپختونخواهه حڪومت جي ترجمان موجب جنگ ۾ هميشه ائين ٿيندو آهي ته هڪ طرف جنگ جو دروازو ته ٻئي طرف ڳالهين جا دروازا کليل رهندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو