ٽي ايل پي ۽ پوليس ۾ چڪريون جاري، 3 اهلڪار شهيد

لاهور(ويب ڊيسڪ) پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان يعني ٽي ايل پي جو لاهور ۾ ڇنڇر تي صبح جو به احتجاج جاري رهيو. رات آزادي چوڪ تي گذارڻ بعد ڇنڇر تي صبح جو ڪارڪن جڏهن مينار پاڪستان ڏانهن وڌيا ته پوليس مٿن ڳوڙها گيس جي شيلنگ ڪئي ۽ ڪارڪنن پوليس تي پٿراءُ ڪيو. ٽن ڏينهن دوران هن وقت تائين 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا آهن ۽ ڪيترائي زخمي آهن. احتجاج دوران پوليس سان سندن چڪريون جاري رهيون. پٿراءَ، شيلنگ ۽ لٺبازي به ڪئي وئي.

Screen shot

ٽي ايل پي جي دعوا آهي ته سندن درجنين ڪارڪن زخمي ٿيا آهن ۽ ڪيترائي گرفتار به ڪيا ويا آهن. پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بندش پيل تنظيم ٽي ايل پي جي ريلي ۾ شريڪ ٻن گاڏين جي ٽڪر ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. پوليس جي ترجمان موجب شهيد پوليس اهلڪارن ۾ ايوب ۽ خالد شامل آهن، ٻئي اهلڪار گوالمنڊي ٿاڻي تي مقرر هئا، ترجمان موجب شهيد اهلڪارن جو تعداد 3 ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي ايم اي او ڪاليج ويجهو  پوليس ۽ بندش پيل تنظيم جي ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون به ٿيون ۽ مظاهرين جي پٿراءَ ۾ ايس ايڇ او سميت 6 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. بندش پيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان پاران لاهور کان اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ شروع ڪيو ويو ته پوليس کين روڪيو. لاهور شهر جي داخلي ۽ ٻاهريان رستا ڪنٽينر لڳائي بند ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن کي شهر کان ٻاهر وڃڻ نه ڏنو ويندو. وزيراعظم عمران خان به هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور آيل هو. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بزدار ٻن وزيرن راجا بشارت ۽ چوڌري ظهيرالدين تي مشتمل ڳالهين لاءِ ڪميٽي به جوڙي هئي. سندن مطالبو آهي ته سعد رضوي کي آزاد ڪيو ۽ فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪريو. حڪومت جو چوڻ آهي ته ايئن ڪرڻ سان پاڪستان اڪيلو ٿي ويندو ۽ يورپي يونين پابنديون هڻندي.

پهنجو تبصرو موڪليو