اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گهرو وزارت ٽي ايل پي تي پابندي لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو،وفاقي ڪابينا ڪالهه ٽي ايل پي تي پابندي لڳائڻ جي منظوري ڏني هئي، جنهن کان پوءِ گهرو وزارت هاڻي مذهبي جماعت تي پابندي لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن کان پوءِ ٽي ايل پي کي هاڻي پابندي مڙهيل جماعت قرار ڏنو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت وٽ مضبوط سبب آهن ته ٽي ايل پي دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث آهي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ 1997 جي مطابق ٽي ايل پي کي پهرين شيڊول تحت پابندي مڙهيل جماعتن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي مڙهيل نوٽيفڪيشن امير ٽي ايل پي ۽ سڀني لاڳاپيل ادارن کي پڻ موڪليو ويو آهي.










