ٽيڪس هدف حاصل نه ٿيا ته پيٽروليم شين تي جي ايس ٽي لڳائينداسين: مفتاح

اسلام آباد (بيورو) ناڻي بابت وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ٽيڪس هدف حاصل نه ٿيا ته پيٽروليم شين تي جي ايس ٽي لڳائينداسين.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته قطر 3 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي منظوري ڏني آهي، قطر 8 هزار ميگا واٽ سولر پلانٽ لڳائڻ ۾ دلچپسي ظاهر ڪئي، قطر ايئرپورٽن کي لانگ ٽرم ليز تي چاهي ٿو ۽ سي پورٽس تي سيڙپڪاري ڪندو، جڏهن ته روز هوٽل کي کپائڻ جون جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، انهن ۾ ڪا صداقت ناهي.هن چيو ته 4 ارب ڊالرن جي فنانسنگ گيپ کي پورو ڪيو ويو آهي، يو اي اِي اعلان ڪيو ته پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪنداسين، سعودي عرب طرفان به دير ادائيگين تي تيل جي سهولت ملندي، جڏهن ته مارچ ۽ اپريل ۾ تيل جي مهانگن سودن سبب بجلي مهانگي پيدا ٿي، مئي جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي چارجز آگسٽ جي مهيني ۾ آئي آهي، فيول مهانگي هئي، تنهن ڪري مئي ۾ بجلي تمام وڌيڪ مهانگي ٺهي.سندس چوڻ هو ته 55 سيڪڙو واهپيدارن کان هن مهيني فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز نه وٺنداسين، جنهن تحت هڪ ڪروڙ 71 لک و اهپيدارن کان اها فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز نه ورتي ويندي، مئي ۾ جن ماڻهن بجلي 200 يونٽن کان گهٽ استعمال ڪئي آهي، انهن جا بل ٺيڪ ڪري ٻيهر موڪليا ويندا، تنهن ڪري جن 200 يونٽن تائين جا بل جمع ناهن ڪرايا، اهي پراڻو بل جمع نه ڪرائين، ڇو ته نئون بل ايندو، جڏهن ته 200 کان 300 يونٽن تائين بل وارن لاءِ به ڪميٽي غور ڪندي.مفتاح اسماعيل چيو ته عالمي بئنڪ کان 370 ملين ڊالر هڪ ٻه ڏينهن ۾ ملي ويندا، اي ڊي بي، يورپي يونين ۽ آمريڪا طرفان به مالياتي امداد ملي آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ٽيڪس هدف حاصل نه ٿيا ته پيٽروليم شين تي جي ايس ٽي لڳائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو