ٽيم سڊني پهچي وئي،جلد ٽريننگ سيشن شروع ڪرڻ جو امڪان

ٽيم سڊني پهچي وئي،جلد ٽريننگ سيشن شروع ڪرڻ جو امڪان

پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم سڊني پهچي وئي آهي جتان رانديگر ڪينبرا ويندا.ٽيم 2 ڊسمبر تي آرام ڪندي ۽ 3 ڊسمبر تي ٽريننگ سيشن شروع ڪندي، قومي ٽيم 6 کان 9 ڊسمبر تائين ڪينبرا ۾ چار ڏينهن واري ميچ کيڏندي.ان کانپوءِ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽيسٽ سيريز 14 ڊسمبر کان شروع ٿيندي، ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ پرٿ ۾ کيڏي ويندي.ٻي ٽيسٽ 26 ڊسمبر کان ميلبورن ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽيسٽ 3 جنوري تي سڊني ۾ شروع ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو