ٽيريان ڪيس، جج جي طبيعت ناسازي سبب ملتوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف نامزدگي ڪاغذن ۾ ڌيءَ جو نالو ظاهر نه ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي جج جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب ملتوي ڪئي وئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس محسن اختر ڪياني خرابي سبب اڄ موڪل تي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي صدارت هيٺ ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيڻي هئي.عمران خان خلاف نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو