ٽوئيٽر ۾ تصديق ٿيل فون نمبر جي خاصيت جي جانچ

ٽوئيٽر ۾ تصديق ٿيل فون نمبر جي خاصيت جي جانچ

لنڊن (ويب ڊيسڪ)ٽوئيٽر پاران ڪجهه نوان فيچرز تي ڪم ڪيو پيو وڃي. نئين خاصيتن مان هڪ تصديق ٿيل فون نمبر آهي، جيڪو پروفائل تي تصديق ٿيل فون نمبر ليبل شامل ڪندو. في الحال، ٽوئيٽر اڪائونٽ تي بليو ٽڪ لاءِ فون نمبر جي تصديق جي ضرورت آهي، تنهنڪري اهو واضح ناهي ته صارف پنهنجي فون جي تصديق ڪيئن ڪري سگهندو. ٻيو فيچر صارفين کي ٻڌائيندو ته هر ٽوئيٽ ڪيترا ماڻهو پڙهيا آهن. ان کي TWEET VIEW COUNT جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ هر ٽوئيٽ جي هيٺان هڪ آئيڪون ٺاهيو ويندو، جنهن تي ڪلڪ ڪري معلوم ڪري سگهجي ٿو ته ڪيترين ماڻهن ان ٽوئيٽ کي پڙهيو آهي. في الحال، اهي ٻه خاصيتون آزمائي رهيا آهن، تنهنڪري اهو واضح ناهي ته اهي صارفين لاء دستياب هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو