واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)سوشل ميڊيا سائيٽ ٽوئيٽر صارفين جي اڪائونٽس تان بليو ٽِڪس هٽائڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ ان حوالي سان ٽوئيٽر ويريفائيڊ نالي هڪ اڪائونٽ سمورن اڪائونٽس کي ان فالو ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ٽوئيٽر ويريفائيڊ اڪائونٽ تي فالوو هاڻي صفر تي پهچي ويو آهي، جنهن تي اڳ ۾ 4 لک 20 هزار تصديق ٿيل اڪائونٽس فالو ڪيا ويندا هئا. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽوئيٽر طرفان بليو سبسڪرپشن جي ادائيگي نه ڪندڙ اڪائونٽس کي پهرين اپريل کان بليو ٽڪ هٽائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.رپورٽن مطابق ٽوئيٽر پهريون ڀيرو 2009 ۾ تصديق ٿيل اڪائونٽس لاءِ بليو ٽِڪ متعارف ڪرايو هو ته جيئن صارفين کي مشهور شخصيتن، سياستدانن، ڪمپنين، برانڊز، نيوز آرگنائيزيشن ۽ عوامي دلچسپي جي حقيقي اڪائونٽس جي سڃاڻپ ڪري سگهي.










