ٽن ضلعن ۾ ڏوهه ڪندڙ جوابدار سڳ سوڌو گرفتار

ٽن ضلعن ۾ ڏوهه ڪندڙ جوابدار سڳ سوڌو گرفتار

ڏوڪري (رپورٽ محمد قاسم ٻگهيو) پوليس موٽر سائيڪل ڦريندڙ گينگ جي اهم ڏوهاري کي گرفتار ڪرن جي دعويٰ ڪئي آهي. ڊي ايس پي احسان علي بليدي ۽ ايس ايڇ او ڏوڪري محمد خان مڱريو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته خفيه اطلاع تي چنہ پل وٽ ڪارروائي ڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي 18 ڪيسن ۾ گهربل جوابدار محمد اسلم پٽ محمد عالم لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ھنن چيو ته جوابدار وٽان 2 سپر پاور 2021-22،موٽر سائيڪلون ھڪ بنا لائسنس رپيٽر ۽ 7 ڪارتوس ھٿ ڪري ورتا. ھنن چيو ته جوابدار کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ۽ سندس جي ڪرمنل رڪارڊ بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي جڏهن ته جوابدار مٿان 13 ڊي جو ڪيس داخل ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو