ٽنڊو جان محمد (ن س)لڳ بالو ڪنب ديھ 265۾ چانڊيا ء ڪلوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ م جهيڙو ڪلوئي برادري جا چار ڄڻا زخمي جن م غلام نبي ولد امير بخش، امجد ولد نور خان، غلام نبي ولد جمال، رضا محمد ولد غلام ٿي پيا جن کي رورل صحت سينٽر ٽنڊو جان محمد تي پهچايو ويو جن کي فرسٽيج ڏنو پيو وڃي، ٻن ڄڻن کي حيدرآباد ريفر ڪيو پيو وڃي غلام نبي ولد امير بخش ڪلوئي،ٻيو غلام نبي ولد جمال خان ڪلوئي مٿي م ڪهاڙيون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا،، ڪلوئي برادري جي ماڻهن جو چوڻ هو ته ووڻ ڀيلاڙي لاءِ ورتا هئا مال جو چارو جن م چانڊيا پنهنجو مال چاري رهيا هئا ان ڳالھ جهيڙو ٿي پيو آخري اطلاعن تائين پوليس واقعي واري هنڌان چانڊيو برادري جي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، آخري اطلاعن تائين ڪابه ايف آئي آر داخل وغيره نه ٿي.










