ناري سان ڏاڍائي، 3 ڄڻا گرفتار، پوليس 4 لکن ۾ نبيرو  ڪرائي ڇڏيو

ناري سان ڏاڍائي، 3 ڄڻا گرفتار، پوليس 4 لکن ۾ نبيرو ڪرائي ڇڏيو

ٽنڊوآدم (ن س) ٽنڊوآدم ۾ ناري سان اجتماعي ڏاڍائي، ويڊيو ٺاهي وئي، 3 جوابدار گرفتار، ٿاڻي تي راڄوڻي نبيرو، 4 لک ڏنڊ، پوليس به پنهنجو کيسو گرم ڪيو،معاملو ليئه مٽي، ذريعن موجب ٽنڊوآدم شهر جي مالهي پاڙي جي رهواسڻ 20 ورهين جي ناري مريم پٺاڻ سان 4 جوابدارن پاران مبينا اجتماعي زيادتي ڪري ويڊيو ٺاهي وئي،ذريعن موجب ناري جي درخواست تي سٽي پوليس شهر جي بااثر وڏيري جي ڀائيٽي اسد ڀٽي ۽ دودو خاصخيلي سميت ٽن ڄڻن کي گذريل رات دير سان ڇاپو هڻي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو،جنهن کانپوءِ ذريعن موجب شهر جي هڪ سماجي اڳواڻ جي ڪوششن سان سٽي ٿاڻي تي ايس ايچ او جي نگراني ۾ مامري جو راڄوڻي نبيرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ناري جي وارثن کي ڏنڊ طور 4 لک روپيا ڏنا ويا،جڏهن ته پوليس پڻ وڏي رقم رشوت عيوض ورتي، جنهن ڪري وڌيڪ ڪا به ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ جوابدارن کي آزاد ڪري مامرو ليئه مٽي ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو