دشت (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ ٽريڪ تي ڌماڪي سبب جعفر ايڪسپريس جون 6 مسافر گاڏا پٽڙي تان لهي ويا. جنهن سبب 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا. زخمي ٻار کي سي ايم ايڇ اسپتال ۽ ٻين 3 زخمين کي سول اسپتال موڪليوويو. ريلوي اختيارين جعفر ايڪسپريس کي پيش ايندڙ حادثي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته امدادي ٽيمون حادثي واري هنڌ ڏانهن موڪليون ويون آهن.اختيارين موجب، حادثو دشت ۾ ٽريڪ تي ڌماڪي سبب پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڪوچون پٽڙي تان لهي ويون.ريلوي اختيارين موجب، حادثي ۾ ملوث جعفر ايڪسپريس پشاور کان ڪوئيٽا اچي رهي هئي.










