واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائڻ جي آخري تاريخ 16 ڊسمبر تائين وڌائي ڇڏي آهي.ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ ٽڪ ٽاڪ جي مستقبل بابت هڪ معاهدو ٿي چڪو آهي، جنهن تحت مشهور وڊيو شيئرنگ ايپ کي آمريڪا ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي.ٽرمپ وائيٽ هائوس کان برطانيه جي سرڪاري دوري لاءِ روانگي جي موقعي تي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو ٽڪ ٽاڪ تي هڪ معاهدو آهي، مان چين سان هڪ معاهدو ڪيو آهي ۽ مان جمعي تي صدر شي جن پنگ سان باضابطه طور تي ان جي تصديق ڪندس.وال اسٽريٽ جرنل جي مطابق، غور هيٺ معاهدي تحت، ٽڪ ٽاڪ جو آمريڪي ڪاروبار هڪ سيڙپڪار ڪنسورشيم کي ڏنو ويندو جنهن ۾ ٽيڪنالاجي ڪمپني اوريڪل، پرائيويٽ ايڪوٽي فرم سلور لِيڪ ۽ وينچر ڪيپيٽل فرم اينڊريسن هورووٽز شامل آهن.نئين آمريڪي ڪمپني ۾ تقريبن 80 سيڪڙو شيئرز آمريڪي سيڙپڪارن وٽ هوندا، جڏهن ته بورڊ جي اڪثريت پڻ آمريڪي نمائندا هوندا، جن مان هڪ ميمبر آمريڪي حڪومت پاران نامزد ڪيو ويندو.معاهدي تحت، آمريڪي صارفين کي هڪ نئين ايپ ڏانهن منتقل ڪيو ويندو جنهن ۾ مواد جي سفارش الگورتھم کي بائيٽ ڊانس کان لائسنس ڏنو ويندو، ساڳئي الگورتھم کي ٽڪ ٽاڪ جي ڪاميابي جو سڀ کان وڏو سبب چيو ويندو آهي.










