ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل آئي جي آزاد خان جو چوڻ آهي ته قائد جي شهر ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظام ناهي جنهن ڪري هتي 46 لک موٽرسائيڪلون آهن ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ايڊيشنل آئي جي آزاد خان جو چوڻ هو ته اسان جو خطو دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آهي، اسان کي به خطرا آهن، واقعا ٿيا آهن پر اسان محفوظ آهيون.هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم هڪ چيلنج ۽ ڀتا خوري مسئلو آهي، جڏهن ته پنيئر (ڀِڪاري) هن شهر ۾ ان ڪري آهن ڇو ته هي شهر ڏئي ٿو. ڪراچي ۾ هاڻي ڪو به نو گو ايريا ناهي، پوليس هر جڳهه وڃي ڪارروايون ڪري رهي آهي. هڪ گروهه تازيون وارداتون ڪري رهيو هو جنهن جي خلاف ڪامياب ايفيڪٽو ايڪشن ڪيو ويو، اسان ڪميونٽي پوليسنگ ۽ منشيات جي خلاف به ڪم ڪري رهيا آهيون.ڪراچي پوليس چيف جو چوڻ هو ته پوليس کاتي کي ٽيڪنالاجي سان لیس ڪرڻ چاهيون ٿا، سيف سٽي ۾ ڪراچي دير ڪري چڪو آهي، شهر لاءِ سيف سٽي جو منصوبو انتهائي ضروري آهي. ٻئي ايم ايس بيچ جا 2000 ڪيمرا لڳي رهيا آهن پر هي انگ گهٽ آهي ۽ شهر جي ضرورت وڌيڪ آهي.هن جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ انجنيئرنگ ۽ روڊن جي مرمت (مينٽيننس) جو مسئلو آهي، هتي ماس ٽرانسپورٽ جو نظام ناهي، 46 لک موٽرسائيڪلون ماس ٽرانسپورٽ نه هجڻ جي ڪري آهن.










