مورو(ن سنڌيار) درس پوليس ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاھراھ تي تاج پيٽرول وٽ تيز رفتار ٽرالر ۽ مسافر ڪيري ۾ ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي۾ 55 سالا پيرسن عورت مسمات عزيزان راڄپر چيڀاٽجي فوت ٿي وئي ۽ سندس ڏوھٽي مسمات ڪريمت سخت زخمي ٿي پئي فوتي ۽ زخمي کي درس پوليس جي ايس ايڇ او بخشل ملاح ۽ غلام الله چانڊيو پوليس موبائل ۾ کڻائي مورو سرڪاري اسپتال پھچايو، سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر ڊيوٽي تان غائب ھئڻ سبب لاش ٽي ڪلاڪ اسپتال ۾ بي يارو مددگار پيل رھيو جڏھن ته زخمي عورت علاج نه ٿيڻ ڪري اسپتال ۾ تڙپندي رھي ٽن ڪلاڪن کان پوء ڊاڪٽرن اسپتال پھچي زخمي عورت جي مرھم پٽي ڪئي ۽ فوتي جون قانوني گھرجون پوريون ڪيون جنھن کان پوءوارث لاش ۽ زخمي کي اباڻي ڳوٺ ڪلھوڙا اسٽيشن کڻائي ويا درس پوليس حادثي جي رپوٽ داخل ڪري ٽرالر کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي.










