راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي 115 رنز جي بظاهر آسان ٽارگيٽ لاءِ بيٽنگ جاري آهي. ٽرائي نيشن سيريز جي فائنل ۾ پاڪستاني بالرن جي شاندار بالنگ سبب سري لنڪا جي ٽيم وڏو هدف ڏيڻ ۾ ناڪام رهي، ٽائيگرز صرف 114 رنسن تي آل آئوٽ ٿي ويا.، اننگ جا پنج بال باقي هئا. شاهين آفريدي ۽ محمد نواز ٽي ٽي، ابرار ٻه، سلمان مرزا ۽ صائم ايوب هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، بابر اعظم ٽي ڪيچ پڪڙيا. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ سري لنڪا جي پهرين وڪيٽ 20 رنسن تي ڪري پئي، پوءِ ڪامل مشارا ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪوسال مينڊس 47 بالن تي 64 رنسن جي شاندار پارٽنرشپ قائم ڪئي. 84 جي مجموعي اسڪور تي ڪوسال مينڊس آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ لنڪن بيٽر هڪ هڪ ڪري پويلين موٽندا ويا. سري لنڪا جي سڄي ٽيم 20 اوور به مڪمل نه ڪري سگهي ۽ 114 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ان کان اڳ، پاڪستان سري لنڪا خلاف ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ٽاس وقت ڪپتان سلمان علي آغا چيو ته اسان سٺي ڪرڪيٽ کيڏي سري لنڪا کي هارائينداسين، پاور پلي ۾ سٺي بالنگ ۽ بيٽنگ ضروري آهي، اميد آهي ته پنڊي جي پچ تي 170 کان 180 رنسون ٺهنديون. ڪوشش ڪنداسين ته پنهنجي 100 سيڪڙو صلاحيت ظاهر ڪريون. اهم مقابلي لاءِ پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي. فاسٽ بالر وسيم جونيئر جي جاءِ تي شاهين شاهه آفريدي کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
مشهور خبرون










