راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تي بنگلاديش پاڪستان جي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 448 رنسون ٺاهي اننگ ڊڪليئر ڪرڻ جي جواب ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 316 رنسون ٺاهي ورتيون. ٽئين ڏينهن تي بنگلاديش طرفان 27 رنسن جي مجموعي اسڪور تي اننگ شروع ڪئي ته ذاڪر حسن 12 ۽ ڪپتان نجم الحسين شانٽو 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. 2 وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ اوپنر شادمان اسلام ۽ مومن الحق شاندار پارٽنرشپ قائم ڪئي ۽ ٻنهي ففٽيون به مڪمل ڪيون. جنهن بعد مومن الحق 50 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ شادمان به 93 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ان کان علاوه شڪيب الحسن به 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. 5 وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ مشفق الرحيم ۽ لٽن داس ذميداري سان بيٽنگ ڪئي ۽ ٽيم جو اسڪور 300 رنسن کان پار ڪرايو. ٽئين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين بنگلاديش 5 وڪيٽن جي نقصان تي 316 رنسون ٺاهي ورتيون. مشفق الرحيم 55 ۽ لٽن داس 52 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا. پاڪستان طرفان خرم شهزاد 2، نسيم شاهه، محمد علي ۽ صائم ايوب هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. واضح رهي ته بنگلاديش پاڪستان خلاف پهرين اننگز ۾ 132 رنسن جي خساري جو شڪار آهي.پاڪستان جي پهرين اننگ ۾ سعود شڪيل 141 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي جڏهن ته محمد رضوان 171 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ان کان علاوه صائم ايوب 56 رنسون، عبدالله شفيق 2، ڪپتان شان مسعود 6، بابر صفر، سلمان علي آغا 19 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته شاهين 29 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان 141 اوورن ۾ بيٽنگ ڪندي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 448 رنسون ٺاهيون.بنگلاديش طرفان شريفال ۽ حسن محمود 2، 2 وڪيٽون ورتيون.










