ٻيراڻي واٽر سپلاءِ ۾ گٽر واري پاڻي جي فراهمي خلاف احتجاج، آفيسرن جو گهيراءُ

ڄام نواز علي (ن س) ٻيراڻي شهر ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ، صفائي جو نظام خراب، شهري گندو پاڻي پئڻ تي مجبور، شهر جي عورتن جو ٽائون آفيسر ۽ وائيس چئرمين جي گاڏي جو گهيراءُ. خبر موجب وارڊ نمبر چار جي شيدي پاڙي جي عورتن احتجاج ڪندي چيو ته اسان وٽ ٽن سالن کان صاف پاڻي نٿو ملي، واٽر سپلائي جو ملندڙ پاڻي سائو، خراب ۽ بدبودار آهي. هنن چيو ته سندن وارڊ ۾ گٽرن جي صفائي لاء ڪو به بندوبست ٿيل نه آهي نه وري گهٽي ۾ صفائي وارو عملو پهچي ٿو. ان دوران ٽا.ون آفيسر ۽ وائيس چيئرمين اتان گذريا ته شيدي عورتن سندن گاڏين جو گهيراءُ ڪري کين زوري هيٺ لاٿو ۽ واٽر سپلاءِ جو پاڻي چکرايو ۽ هنن پاڻي گندي هجڻ جي تصديق ڪئي. عورتن کين چيو ته ماهوارسنڌ سرڪار کان 70لک بجٽ ملي ٿي اها ڪٿي ٿا خرچ ڪريو؟ هن موقعي تي ٽائون آفيسرعبدالجبار ڪورائي کين چيو ته اوهان سندس بيعزتي پيا ڪريو، منهنجي هٿ ۾ ڪجهه به نه آهي،  فنڊن جي مون کي ڪا به خبر نه آهي اهو وائيس چئرمين کان پڇو. هن عورتن کي پاڻي جو مئسلو جلد حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. عورتن  وائيس چئرمين محمد ايوب خاصخيلي کي چيو ته اسان ووٽ ڏئي اوهان کي ڪرسي تي ويهاريو۽ اوهين جيئڻ جنجال ڪيو آهي. هن به کين مسئلن جي حل جو يقين ڏياريندي کسڪڻ جي ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو