بندن جي نگراني ۽ ضروري اپائن کي يقيني بڻائڻ جو حڪم

بندن جي نگراني ۽ ضروري اپائن کي يقيني بڻائڻ جو حڪم

لاڙڪاڻو (ن س) صوبائي وزير ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته پنجاب کان ايندڙ امڪاني ٻوڏ جي حوالي سان پارٽي قيادت ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ جي حڪم تي هي گڏجاڻي ڪري رهيو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ کان بچڻ لاءِ بندن جي نگراني ۽ ٻين ضروري اپائن کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻو ۾ هڪ اعليٰ سطحي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻيءَ ۾ ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، وزير اعليٰ سنڌ جي معاون خاص خير محمد شيخ، بلند خان جوڻيجو، ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن طاهر حسين سانگي، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين اعجاز احمد لغاري، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شرجيل نور چنا، ڊپٽي ڪمشنر قمبر-شهدادڪوٽ امداد علي ابڙو، ايريگيشن، هيلٿ، واپڊا ۽ ريسڪيو 1122 جي عملدارن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي صوبائي وزير وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته بندن جي خاص نگراني ڪئي وڃي، امڪاني ٻوڏ کان بچڻ لاءِ ڪچي جي ماڻهن کي پڪي ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي نقصان کان بچي سگھجي. هن اهو پڻ چيو ته ماڻهن سان گڏوگڏ چوپائي مال جي به حفاظت لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. ان موقعي تي هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته امڪاني ٻوڏ دوران ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جون ڊيوٽيون لڳايون وڃن ۽ دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اهڙو ئي حڪم هن لائيو اسٽاڪ جي عملدارن کي پڻ ڏنو جنهن ۾ هن چيو ته امڪاني ٻوڏ دوران چوپائي مال جي حفاظت لاءِ پڻ جوڳا بندوبست ڪيا وڃن. هن ايريگيشن انجنيئر کي هدايت ڏيندي چيو ته بندن جي 24 ڪلاڪ نگراني ڪئي وڃي ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگھجي. هن چيو ته پارٽي قيادت جي حڪم تحت هي گڏجاڻيون ڪري رهيا آهيون ته جيئن عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگھجي. ان موقعي تي ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو ڳالهائيندي چيو ته فلحال اسان کي ڪو به ٻوڏ جو خطرو نه آهي پر اسان احتياطي طور امڪاني ٻوڏ کان بچڻ لاءِ انتظام ڪري رهيا آهيون ته جيئن ان وقت ڪا به پريشاني نه ٿئي. هن چيو ته بندن جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن جي با حفاظت پڪي ڏانهن منتقلي لاءِ انتظام ڪيا وڃن ۽ انهن جي رهائش ۽ ٻين سهولتن جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن هو ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏين. هن چيو ته ماڻهن کي ٻوڏ دوران خاڌ خوراڪ سان گڏوگڏ دوائن ۽ ٻين ضرري شين جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن طاهر حسين سانگي ڳالهائيندي چيو ته امڪاني ٻوڏ دوران جن بندن تي خطرو آهي انهن جي سخت نگراني ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته خاص طور تي ڪشمور (گڊو)، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي بندن جي نگراني ايريگيشن جي عملدارن سان گڏوگڏ اتي پوليس پيٽرولنگ وڌائي وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي خطري کان هر پل آگاھ رهي سگھجي.

پهنجو تبصرو موڪليو