ٻوڏ نقصانن  جي جائزي لاءِ  حڪومٽي ڊيٽا استعمال ڪبي

ٻوڏ نقصانن جي جائزي لاءِ حڪومٽي ڊيٽا استعمال ڪبي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو جائزو وٺڻ لاءِ آدمشماري ۽ زراعت شماري جو ڊيٽا استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال شماري کاتي کي ملڪ ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو اندازو لڳائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.ذريعن موجب حتمي نقصانن جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ آدمشماري ۽ زراعت شماري جو ڊيٽا استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته انفرا اسٽرڪچر ۽ ڪاروبار جي تباهي جو پتو لڳائڻ جي لاءِ اڪنامڪ شماري کان به مدد ورتي ويندي.ذريعن ٻڌايو آهي ته زراعت شماري کان حاصل ڪيل ڊيٽا مان فصلن ۽ لائيو اسٽاڪ جي نقصانن جو تجزيو ڪيو ويندو، موجود ڊيٽا ۽ سافٽ ويئر جي استعمال سبب ٻوڏ نقصانن جو سروي ڪيو ويندو. اختيارين موجب تازو اڪنامڪ شماري جي دوران سموري ملڪ جي عمارتن کي جيوٽيگ ڪيو ويو هو جنهن سبب ضلعا، بلاڪ ۽ ڳوٺ جي سطح تي ٻوڏ نقصانن جو اندازو لڳائڻ ۾ مدد ملندي. انهي سان بزنس سينٽرز، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽين ۽ مسجدن سميت ٻين عمارتن کي پهچندڙ نقصانن جي خبر پئجي سگهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو