اسلام آباد (بيورو)نيشنل فلڊ رسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) ٻڌايو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ سبب مختلف حادثن ۾ 26 ڄڻا فوت ۽ 11 زخمي ٿيا آهن.اين ايف آر سي سي موجب 14 جون کان هن وقت تائين 1290 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جن ۾ 570 مرد، 259 عورتون ۽ 453 ٻار شامل آهن، جڏهن ته مختلف حادثن ۾ 12 هزار 588 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.اين ايف آر سي سي جو چوڻ آهي ته 24 جون کان بلوچستان ۾ ايم 8 موٽر وي تي وانگو هيلز جي 24 ڪلوميٽر سيڪشن تي لينڊ سلائيڊنگ ٿي آهي.بلوچستان جا 31 ضلعا، گلگت بلتستان جا 6 ۽ خيبرپختونخواهه جا 17 ضلعا ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن.پنجاب ۾ 3 ضلعا ۽ سنڌ جا 23 ضلعا قدرتي آفت کان متاثر ٿيا آهن.اين ايف آر سي سي جو چوڻ آهي ته ملڪ جا 80 ضلعا برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن. آزاد ڪشمير ۾ 53 هزار 700 شهري متاثر ٿيا آهن، بلوچستان ۾ 91 لک 82 هزار 616 شهري جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ 43 لک 50 هزار 490 شهري متاثر ٿيا آهن، گلگت بلتستان ۾ 51 هزار 500 شهري متاثر ٿيا آهن.اين ايف آر سي سي موجب پنجاب ۾ 48 لک 44 هزار 253 شهري ۽ سنڌ ۾ 1 ڪروڙ 45 لک 63 هزار 770 شهري متاثر آهن.سڄي ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک 46 هزار 329 شهري متاثر ٿيا آهن.نيشنل هاءِ وي اين 50 کي ساگو پل سان ڳنڍڻ لاءِ ٻنهي پاسن تي ڪم جاري آهي، نيشنل هاءِ وي مدين اين 95 بحرين ۽ لائڪوٽ وچ ۾ بلاڪ آهي، ميهڙ جوهي ڪينال کان خيرپور ناٿن شاهه تائين پاڻي بيهجي وڃڻ سبب نيشنل هاءِ وي اين 55 بند آهي.ان کان علاوه ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب ريلوي نيٽ ورڪ پڻ متاثر ٿيو آهي، ڪوئيٽا تفتان ۽ ڪوئيٽا سبي ۽ سبي کان حبيب ڪوٽ تائين ريلوي ٽريڪ بند آهي.اين ايف آر سي سي جو چوڻ آهي ته حيدرآباد کان روهڙي ۽ ملتان تائين ريلوي ٽريفڪ متاثر ٿي رهي آهي، سنڌ ۾ ڪوٽڙي کان لاکيشا ۽ دادو تائين ريلوي لائين متاثر آهي، جڏهن ته 29 ٽيمون ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٿيل نقصان جي سروي ۾ مصروف آهن.










