آصف علي اوٺو
سنڌو تهذيب دنيا جي قديم ترين تهذيب آھي موئن جي دڙي جي تاريخ ان ڳاله جي گواه آھي ته سنڌو تهذيب ئي دنيا جي اگهاڙي بت کي ڍڪڻ لاء پنج هزار سال اڳ تن تي لٽا پائن سيکاريو تجسس اهو آهي ته جيڪا تهذيب دنيا کي جيئڻ جو ڍنگ سيکاري اھا ايترو پوئتي ڪيئن ٿي ڌڪجي سگهي؟ آثار قديمه جي تحقيق مان اهو واضع ٿو ٿئي ته ان تهذيب جي تباهي جو ڪارڻ قدرتي آفتن کان بچاء لاء سائنسي آلات جي ترقي نه هجڻ ۽ وقت جي فرعونن، لٽيرن ۽ حملا آورن جو انهن جي بستين کي مسمار ڪري ڇڏڻ آھيساڳي وقت زلزلن جي تباهي به هن تهذيب جي تباهي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو گذري وقت ۾ مذھبي انتشار ڦھلائيندڙن انهن آفتن کي قدرت جي سزا قرار ڏنو جيئن هن وقت حڪمران پنهنجي نااهلي تي پردو وجهڻ لاء هينئر جي سيلابي آفتن ۾ بي گهر ٿيل ۽ بي سهارن ماڻهن کي هٿ ۾ امدادي ٿيلهي ته ڪٿي پنجاه رپيه پڪڙائي اهو تصور ذھن۾ وجهي رهيا آھن ته هي قدرتي آفتون اوهان جي غربت جو نتيجو آهن
ايڪويهين صدي ايڊوانس سائنس جي صدي چورائي ٿي هن صدي ۾ پاڻي جي ذخيري لاء وڏا وڏا ڊئم بنائي پاڻئ جو ذخيرو ڪيو ويو بظاهر درياء جي چاڙھ سان پيدا ٿيڻ وارين تباهڪارين ۾ فرق ته آيو پر مختلف تحقيقن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڊئم ماحوليات جي تباهي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آھنڊيم سيلابي تباهڪارين کي روڪڻ لاء بلڪل ڪارگر ناهن هر سال پوندڙ برساتن سببان ننڍن ننڍن سيلابن کي ته روڪين ٿا پر وڏي ٻوڏ کي هو وڌيڪ طاقتور بنائين ٿا جنهن جو 1992 ۾ جهلم شهر جو ٻڏي وڃڻ ئي وڏو ثبوت آهي جيتوڻيڪ تنهن وقت جهلم تي دنيا جو ٻارهون وڏو ڊئم منگلا ڊئم پڻ اڏيل هو
ساڳي طرح ڪالا باغ ڊئم جي اڏاوت به اهڙي قسم جي مها ٻوڏ آڻي سگهي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ ڪالاباغ سنڌ جي زرخيز زمينن کي بنجر بنائي ڇڏيندوٻيو ته انڊس ڊيلٽا تي سامونڊي چاڙه جو پڻ وڏو خطرو آھي ڊئم جي اڏاوت سان درياء جو مٺو پاڻي سمنڊ ۾ نه وڃڻ يا ان جي مقدار گهٽجڻ سان سمندري افزائش ۾ گهڻي قدر ڪمي محسوس ٿيندي
انٽرنيشنل ريسرچ اداري جي رپورٽ مطابق درياء جي مٺي پاڻي جو گهڻي کان گهڻو حصو اگر سمنڊ ۾ ڇوڙ نٿو ٿئي ته انڊس ڊيلٽا وارا علائقا، ٺٽو ۽ بدين ضلعا 2050 تائين مڪمل سمنڊ جي پاڻي هيٺ اچي دنيا جي نقشي تان گم ٿي ويندا
حڪومت کي گهرجي ته سائنسدانن جي مشاورت سان جوڳا اقدام کڻي جيئن ايندڙ برساتن ۾ گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي










