ٻاهر راشن ورهائڻ جي دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، شرجيل

ٻاهر راشن ورهائڻ جي دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، شرجيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات واري کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سائيٽ ايريا ڪراچي جي علائقي ۾ خانگي فيڪٽري جي ٻاهران راشن ورهائڻ جي دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ ٻارن ۽ عورتن جون قيمتون حياتيون ضايع ٿيون آهن، خانگي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته فيڪٽري انتظاميا پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي راشن ورهائڻ بابت ڪابه اطلاع ڪونه ڏني هئي ۽ نه ئي اجازت ورتي هئي. هن چيو ته فيڪٽري مالڪن خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي ۽ ست ماڻهون گرفتار ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ هر ڪو نيڪي جو ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. هن سرندري وارن ۽ غيرسرڪاري تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته نيڪي جي اهڙين سرگرمين بابت ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي اطلاع ڏني وڃي ته جئين مناسب سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته پوري پاڪستان ۾ اٽي جي ورڇ دوران پنجاب ۾ افسوسناڪ واقعا پيش آيا،ان کي مدنظر رکندي، سنڌ حڪومت حقدار خاندانن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي اٽي جي خريداري جي رقم منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ته جيئن ان قسم جا واقعا پيش نه اچن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو