ٻارڙي کي زنا بعد قتل ڪندڙ جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويو

ٻارڙي کي زنا بعد قتل ڪندڙ جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويو

نوشھر فيروز(رپورٽ اسد علي عمراڻي) عيد واري ڏينھن 4سالن جي نياڻي گھران خرچي وٺي نڪتي ته وحشي صفت انسان ضمير سيال ڇوڪري کي اغواڪي زنا ڪري قتل ڪري ڇڏيو ھو. وارثن پاران پوليس کي ڇوڪري جي گم ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ويو ته پوليس ڳولا شروع ڪئي. جوابدرا اهڙي صورتحال جا ڄاڻ ملڻ بعد گم ٿي ويو. ايس ايڇ او ٺارو شاهه اسد النبي کچي جوابدار جو پيڇو ڪيو ته ملزم راڄپر موري وٽ ڪيلن جي باغ ۾ لڪي ويو ۽ گهيرو تنگ ٿيندي ڏسي پوليس تي فائرنگ ڪئي. پوليس مقابلي ۾ جوابدار مارجي ويوپوليس سندس لاش سول اسپتال پهچايو ۽ پوسٽ مارٽم بعد سندس وارث لاش کڻائي ويا. ڳوٺاڻن پوليس جي بروقت ڪاروائي کي ساراهيندي کين مبارڪباد پيش ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو