ٻارن ۾ ڪينسر جي تشخيص لاءِ مفت اسڪيننگ جو فيصلو

ٻارن ۾ ڪينسر جي تشخيص لاءِ مفت اسڪيننگ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ ڪينسر جي روڪٿام لاءِ حڪومت پاران هڪ وڏو قدم کنيو ويو آهي.يورپ جي سڀ کان وڏي ڪينسر ريسرچ سينٽر جي هڪ وفد وفاقي صحت واري وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان ملاقات ڪئي.مشهور بين الاقوامي ڪينسر اسپيشلسٽ ڊاڪٽر اسٽيفن فيسٽا جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن ۽ محققن جي هڪ وفد اعلان ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪينسر جي روڪٿام لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي هڪ سال لاءِ ٻارن جي مفت ڪينسر اسڪيننگ ڪئي ويندي.صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال هن موقعي تي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي ٻارن ۾ ڪينسر جي تشخيص لاءِ مفت اسڪيننگ جلد شروع ڪئي ويندي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني پيٿولوجسٽن کي به ان حوالي سان تربيت ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو