ٺُل ۾ خانداني تڪرار تان عورت قتل

ٺُل ۾ خانداني تڪرار تان عورت قتل

ٺُل: (ن س) ٺُل جي علائقي سي سيڪشن ٿاڻي جي حدن ۾ هڪ عورت کي قتل ڪيو ويو. واقعي جي اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري ۽ امدادي ٽيمون به موقعي تي پهچي ويون، پوليس اهلڪارن امدادي ٽيمن جي مدد سان لاش کي قانوني ڪارروائيءَ لاءِ ٽي ايڇ ڪيو (THQ) اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس حڪام ٻڌايو ته واقعو مبينا طور خانداني تڪرار ۽ مائٽيءَ جي معاملي تان پيش آيو آهي، واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو