ٺل: (ن س) اوڏاڻو ۾ ٻن موٽرسائيڪلن جي ٽڪر ۾ هڪ شخص فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا.پوليس موجب، فوت ٿيل جي سڃاڻپ 30 سالن جي محبت ڪنڊراڻي جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ حبيب الله، اعظم علي ۽ نانا ڪنڊراڻي شامل آهن.زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. زخمين مان هڪ جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي ۽ کيس وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو آهي.










