يو اي اي پاران 2 ارب ڊالر جو قرض رول اوور ڪرڻ جي خاطري

يو اي اي پاران 2 ارب ڊالر جو قرض رول اوور ڪرڻ جي خاطري

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم مختلف وزارتن ۾ رابطي لاءِ اليڪٽرانڪ ماڊيول تي عملدرآمد ۾ دير تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ان تي فوري طور عمل ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ هن خطاب ڪندي چيو ته عوامي خدمت ۽ حڪومتي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ اي ماڊيول تي عمل لازمي آهي. 40 وزارتن ۽ ڊويزنن ۾ پاڻ ۾ رابطي لاءِ اي ماڊيول جون 2022 ۾ نيشنل انفرميشن ٽيڪنالوجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) متعارف ڪرايو هو. اطلاعات واري وزارت جي ويب سائيٽ موجب آءِ پي ونگ ۽ سائبر ونگ اڳ ۾ ئي قائم ٿي چڪيون آهن ۽ انهن جو دائرو ٻين لاڳاپيل ادارن تائين وڌائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته وزارتن وڄ ۾ ڪميونيڪيشن مينوئل انداز م قابل قبول ناهي ان کي جلد اي ماڊيول تي منتقل ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 21 وزارتن ۾ اي ماڊيول 100 سيڪڙو متعارف ڪرائڻ لاءِ مڪمل تياري آهي. وزيرعظم چيو ته ايف بي آر جي ڊيٽا کي وڌيڪ محفوظ ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته هولندڙ مهيني گڏيل عرب امارات کي 2 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪرڻو هو جيڪو يو اي اي جي صدر تازو رحيم يار خان ۾ ٿيل ملاقات ۾ رول اوور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته يو اي اي پاڪستان م سيڙپڪاري ۽ شراڪت داري وڌائڻ جو عمل تيز ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي. وزيراعظم چيو ته صنعتي سرگرميون وڌائڻ لاءِ بجلي جا اگهه گهٽ ڪرڻا پوندا ۽ ان لاءِ حڪومت ٻن ٽن آپشنز تي غور ڪري پئي ۽ آءِ ايم ايف سان به ان معاملي تي ڳالهائڻو پوندو. هن چيو ته سمال ميڊيم انٽر پرائيزز يعني سميڊا بورڊ کي فعال ڪيو آهي ۽ ان کانسواءِ ملڪي ترقي ممڪن ناهي. وزيراعظم اجلاس کي ٻڌايو ته ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽس ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن کي اڃا وڌيڪ وڌائڻو آهي. وزيراعظم ڪرم جي صورتحال بابت چيو ته امن معاهدي بعد ڊي سي مٿان حملو ڪيو ويو ۽ معاهدي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا ناڪام بڻائينداسين ۽ ڪرم ۾ مڪمل امن قائم ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو