يوڪرين جو پرامن حل چاهيون ٿا، ڪنهن به بلاڪ جو حصو ناهيون

يوڪرين جو پرامن حل چاهيون ٿا، ڪنهن به بلاڪ جو حصو ناهيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو ڪنهن به فوجي مهم يا فوجي آپريشن تي يقين نه ٿو رکي، روس ۽ يوڪرائين تڪرار جو پرامن حل چاهي ٿو ۽ ڳالهين ذريعي حل چاهي ٿو. روسي ٽي وي (آر ٽي) کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي ۾ پاڪستان آمريڪي بلاڪ جو حصو بڻجي ويو هو، جنهن سبب پاڪستان کي امداد ملي پر ان امداد جي ڪري اسان پنهنجا ادارا مضبوط نه ڪري سگهيا آهيون. هن چيو ته پرڏيهي امداد هڪ لعنت آهي جنهن لاءِ ملڪن کي غلط فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، امداد جي ڪري اسان ترقي جي اصل محرڪن ۽ عنصرن تي ڌيان نه ڏنو آهي ۽ رڳو امداد تي ڀروسو ڪرڻ جا عادي ٿي ويا آهيون. هن چيو ته اسان هاڻي ڪنهن به ملڪ جي بلاڪ جو حصو نه بڻباسين، دنيا بلاڪن ۾ ورهايل آهي، اسان چاهيون ٿا ته ورهاست ختم ٿئي ۽ مسئلا پرامن طريقي سان حل ٿين، آمريڪا افغانستان ۾ طاقت جو استعمال ڪيو، افغانستان ۾ ڇا ٿيو هو. طاقت جي استعمال سان حاصل ڪيل مقصد، دنيا ڏٺو ته آمريڪا افغان جنگ مان ڇا حاصل ڪيو، ڪنهن به تڪرار کي جنگ ذريعي حل ڪرڻ بيوقوفي آهي. هن چيو ته مان ڪنهن به فوجي مهم يا فوجي آپريشن تي يقين نه ٿو رکان، اسان پنهنجي اختلافن جو ڳالهين ذريعي حل چاهيون ٿا، جڏهن ته روس ۽ يوڪرين جو پرامن حل چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪورونا سبب عالمي معيشت متاثر ٿي آهي، دنيا اڃا تائين ڪورونا جي اثرن مان نڪري نه سگهي آهي. جيڪڏهن ٻيو تڪرار ٿيو ته وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيندا، ترقي پذير ملڪ سرد جنگ جا متحمل نٿا ٿي سگهن، اسان جو بنيادي ڌيان ان ڳالهه تي هجڻ گهرجي ته ماڻهن کي غربت مان ڪيئن ڪڍيو وڃي. هن چيو ته کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ڇڪتاڻ ايتري ڪيئن وڌي وئي جو ان ڇڪتاڻ سبب پيٽرول مهانگو ٿي ويو.

‘ماحولياتي آلودگي، موسمياتي تبديلي هڪ وڏو چئلينج آهي’

هن چيو ته انسانيت ڪيترن ئي وڏن چيلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي، دنيا کي درپيش چئلينجن مان هڪ آهي ماحولياتي آلودگي، ماحولياتي آلودگي دنيا کي متاثر ڪري رهي آهي، موسمياتي تبديلي به هڪ وڏو چيلنج آهي، اسان کي بحيثيت انسان پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن ۽ ان لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. دنيا مان غربت جو خاتمو ڪري، ماڻهن جي تڪليفن کي گهٽايو. هوڏانهن يوڪرين جي سفير وزيراعطم عمران خان سان ملاقات ڪري کيس درخواست ڪئي ته هو روس کي سمجهائي ۽ يوڪرين سان ڇڪتان گهٽ ڪرائن م ڪردار ادا ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو