يوڪرين جو روسي صدر جي خانگي هوٽل تي حملو، وڏي جاني نقصان جي دعويٰ

ڪيف(ويب ڊيسڪ)يوڪرين جي علائقي لوهانسک جي جلاوطن گورنر جو چوڻ آهي ته يوڪرين جي فوج ان هوٽل کي نشانو بڻايو آهي جتي روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي خانگي فوج رهي ٿي.پرڏيهي ميڊيا موجب جلاوطن گورنر سرهي هيڊائي جو چوڻ آهي ته يوڪرين جي فورسز لوهانسک جي علائقي ڪاديوڪا ۾ هوٽل کي نشانو بڻايو جتي روسي صدر ولاديمير جي خانگي فوج ”واگنر گروپ“ جا ميمبر ملن ٿا.ياد رهي ته ويگنر گروپ روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي پرائيويٽ فوج جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو جيڪو ڪرملن جي مفادن لاءِ رياستي اسپانسر ٿيل مشنري وانگر ڪم ڪري ٿو.ويگنر گروپ يوگيني پروگوزون طرفان قائم ڪيو ويو، جيڪو روسي صدر ولاديمير پوتن جو هڪ ويجهي ساٿي آهي، ۽ ويگنر گروپ جا يونٽ ڪريميا، شام، لبيا، مالي ۽ وچ آفريڪا جمهوريت ۾ مقرر ڪيا ويا آهن.لوهانسک جي جلاوطن گورنر جو چوڻ آهي ته يوڪريني فورسز جي حملي ۾ روس کي وڏو جاني نقصان ٿيو آهي ۽ حملي ۾ بچي ويل 55 سيڪڙو ماڻهو طبي سهولتن جي کوٽ سبب زندگيون وڃائي ويٺا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو