يوڪرين جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ آمريڪي امن رٿا ۽ ڏنل ڌمڪي

يوڪرين جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ آمريڪي امن رٿا ۽ ڏنل ڌمڪي

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) آمريڪا، يوڪرين جي جنگ ختم ڪرڻ لاءِ هڪ 28 نڪاتي امن منصوبو تيار ڪيو آهي، جيڪو هن وقت ڪيو، ماسڪو ۽ يورپ جي دلچسپي رکندڙ ملڪن طرفان غور هيٺ آهي. هي منصوبو، جيڪو رائٽرز ڏٺو آهي، روس کي ــ جيڪو ميدانِ جنگ ۾ آهستي آهستي اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ يوڪرين جي تقريباً پنجويهه سيڪڙو علائقي تي ڪنٽرول ڪري چڪو آهي ــ گهڻو ڪجهه ڏئي ٿو جيڪو ماسڪو چاهي ٿو. پر ان ۾ ڪجهه اهڙيون شيون به شامل آهن جيڪي روس لاءِ قبولڻ مشڪل هونديون ۽ انهن مان ڪجهه روس کي پنهنجا مڪمل جنگي هدف حاصل ڪرڻ کان گهٽ تي راضي ٿيڻ تي مجبور ڪنديون، ۽ ان جي فوج کي ڪجهه قبضي ڪيل علائقن مان پوئتي هٽڻو پوندو. هتي ڪجهه اهم نڪتن جو ذڪر ڪريون ٿا، جيڪي تڪراري ثابت ٿي سگهن ٿا: منصوبي مطابق: يوڪرين کي ڊونيٽسڪ صوبي جو باقي حصو روس کي ڏيڻو پوندو، جنهن ۾ وڏا شهر سلوويانسڪ ۽ ڪراماتورسڪشامل آهن، جيڪي هن وقت يوڪرين وٽ آهن. يوڪرين جو صدر وولوڊيمير زيلينسڪي اڳ ۾ واضح ڪري چڪو آهي ته هو روس کي ڪو به علائقو “تحفي” طور ڏيڻ تي راضي نه آهي. معاهدي تحت: روس کي 2022 کان پوءِ جن چار يوڪريني علائقن (لوهانِسڪ، زاپوروزيا، خيرسون ۽ ڊونيٽسڪ) ۾ اڳڀرائي ملي آهي، اهي مستقل طور تي روس جي ڪنٽرول تحت رهندا. ڪرائيميا جو 2014 وارو روسي قبضو پڻ مستقل طور مڃيو ويندو. زاپوروزيا نيوڪليئر پاور پلانٽ روسي ڪنٽرول ۾ رهندو، وري هلائبو، ۽ ان جي پيداوار 50–50 يوڪرين ۽ روس ۾ ورهائبي. پر انهن علائقن جي حيثيت “de facto” يعني عملي طور روسي علائقو مڃڻ جي هوندي، جيڪا روس لاءِ شايد ناپُسنديدہ هجي. خيرسون ۽ زاپوروزيا ۾ روس کي مڪمل ڪنٽرول نه ملندو ــ هڪ نئين مورچائي لڪير قائم ڪئي ويندي، جيڪا موجوده محاذ مطابق هوندي. يوڪرين جيڪي علائقا روس کي ڏيندو، اتي روسي فوج رکڻ جي اجازت نه هوندي. اهو علائقو هڪ غير فوجي بفر زون هوندو. روسي فوج کي انهن ٻن علائقن (خارڪيف ۽ دنيپروپٽروفسڪ) مان به نڪرڻو پوندو، جتي روس اڳتي وڌيو آهي. ماسڪو دعويٰ ڪري ٿو ته هن خارڪيف واري شهر ڪوپيانسڪ تي قبضو ڪري ورتو آهي، پر ڪيف انڪار ڪيو آهي. آمريڪي منصوبي تحت روس کي ڪوپيانسڪ مان واپس وڃڻو پوندو. هاڻي يوڪرين کي هڪ تمام مشڪل فيصلو ڪرڻو پوندو.
پيسا (MONEY)
مغربي ملڪن روس جا لڳ ڀڳ 300 ارب ڊالر جا اثاثا منجمد ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي اڪثر يورپ ۾ آهن، ۽ جنگ جي سزا طور رکيا ويا آهن. روس چاهي ٿو ته اهي اثاثا آزاد ڪيا وڃن، ۽ هو يورپي يونين کي ڌمڪي به ڏئي چڪو آهي، ڇو⁠ته EU انهن منجمد اثاثن مان حاصل ٿيندڙ منافعي کي يوڪرين لاءِ قرض طور استعمال ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿو. پر آمريڪي امن منصوبي موجب: روس کي 100 ارب ڊالر آمريڪا کي ڏيڻا پوندا، جيڪي يوڪرين جي ٻيهر تعمير لاءِ آمريڪي اڳواڻي ۾ استعمال ٿيندا، ۽ ان ڪم مان ٿيندڙ منافعي جو 50 سيڪڙو حصو آمريڪا کي ملندو. باقي منجمد روسي اثاثا آمريڪا ۽ روس جي گڏيل سيڙپڪاري فنڊ ۾ وڌا ويندا، جنهن مان روس کي ڪجهه فائدو ملندو. روس يا يوڪرين مان ڪو به فري هينڊ سان انهن پيسن کي استعمال نه ڪري سگهندو. اهي شرط EU جي منصوبي کي به متاثر ڪري سگهن ٿيون، جيڪو اڳ ئي منجمد اثاثن کي ڪيف جي مدد لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو. پابنديون (Sanctions) فوري طور ختم نه ٿينديون، پر مرحليوار ۽ هر ڪيس جي جائزي کان پوءِ ختم ڪري سگهبيون. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا يوڪرين کي امن منصوبي کي قبول ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جي ڊيڊ لائين ڏني آهي. واشنگٽن ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ڪيف معاهدو نه ڪري ته انٽيليجنس ۽ هٿيار روڪيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته زيلينسڪي ۽ يورپين اڳواڻ جواب ۾ هڪ متبادل تجويز تي ڪم ڪري رهيا آهن. ڪريملن چيو آهي ته هاڻي ڪيف کي “ذميواراڻو فيصلو” ڪرڻ گهرجي. وائيٽ هائوس مطابق، منصوبي تي ڪم روبيو ۽ وِٽڪاف ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو