اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مهانگائي جي ور چڙهيل عوام تي هڪ ٻيو بم ڪيرايو ويو آهي، يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف برانڊز پنهنجا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن.يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن موجب سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز برانڊز پنهنجا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، ڪيترن ئي شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، قيمتن ۾ واڌ فوري طور تي لاڳو ٿيندي.نوٽيفڪيشن موجب برانڊڊ ڪارن آئل جي في ليٽر قيمت ۾ 300 رپيا واڌ ڪري 1170 رپيا في ليٽر ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه 800 گرام ٻاراڻي فارمولا کير جو اگهه 60 رپيا وڌي 425 رپيا ٿي ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب 800 گرام ڪيچپ جي قيمت ۾ 50 رپيا، ٻارن جي ڊائپر جي قيمت ۾ 350 رپيا، 650 ملي ليٽر شيمپو جي قيمت ۾ 210 رپيا، واشنگ پائوڊر جي قيمت ۾ 210 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. 59 رپيا مهانگو، 130 گرام صابن 30 رپيا، هينڊ واش 21 رپيا، ٽوائلٽ رول 10 رپيا، ٽشو پيپر جو باڪس 43 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.يوٽيلٽي اسٽورن تي باڊي واش، گارلڪ ساس، ڪڪڙ، پنير نوڊلز جي قيمتن ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي.










