يونيورسٽين ۾ نئين ڀرتين تي اڻ اعلانيل مدي تائين پابندي لاڳو

يونيورسٽين ۾ نئين ڀرتين تي اڻ اعلانيل مدي تائين پابندي لاڳو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي جي سمورين يونيورسٽين ۾ نئين ڀرتين تي اڻ اعلانيل مدي تائين پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.يونيورسٽيز ۽ بورڊ کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب سڄي صوبي ۾ قائم سرڪاري يونيورسٽين ۾ سخت مالي بحران سبب نين ڀرتين ۽ مقررين تي ايندڙ حڪم/ اڻ اعلانيل مدي تائين پابندي مڙهي ڇڏي آهي.سمورن يونيورسٽين ۾ وائس چانسلر ۽ رجسٽرار کي نين ڀرتين کان روڪي ويو آهي، نوٽيفڪيشن ۾ هڪ کان ٻاويهين گريڊ تائين جي ملازمن جي ڀرتين تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.يونيورسٽيز ۽ بورڊ کاتي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته وڏي وزير جي منظوري کانسواءِ نيون ڀرتيون نه ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو